اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيني مجسمي ساز ماس??ر يوآن جي پاڪستان جي دوري جي آجيان ڪندي چيو آهي ??ه پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جو رشتو ايترو ئي مضبوط آهي ??يترو اسان جون مضبوط گڏيل ??رحدون ۽ گڏيل ??بل آهن. اها ڳالهه هن قائداعظم محمد علي جناح ۽ مائوزي تنگ جي مجسمن جي نقاب ڪشائي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف، پاڪستا?? ۾ ??ين جو سفير جيانگ زي ڊونگ، چين جو عظيم مجسمه ساز ماس??ر يوآن سميت ٻيا پڻ موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گذريل ??الن دوران پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مضبوطي ثقافتي رشتي کي وڌيڪ سگهه ملي آهي، اسان جون نه رڳو سرحدون گڏيل ??هن پر اسان جا جبل به شريڪ آهن. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جبل?? ۾ ??يتريون ئي ڪهاڻيون ۽ ثقافتي روايتون لڪل آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيني مجسمي ساز ماس??ر يوآن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ماس??ر يوآن جي عظيم ڪارنامن ۽ بيجنگ ۾ سندس شاندار عجائب گهر جي ڪاميابي سان سندس مهارت جو اندازو ٿئي ٿو، هن چيني ثقافت کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته اسان کي فخر آهي ??ه ماس??ر يوآن قائداعظم محمد علي جناح جي ولادت جي ڏهاڙي جي موقعي تي هتي آيو، اڄ چيئرمين مائوزي تنگ جي پڻ سالگرهه آهي، اسان ماس??ر يوآن کي سندس ٻئي گهر اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا ۽ سندس ٿورائتا آهيون ته هن چين ۽ پاڪستان جي دوستي کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ مجسما تيار ڪيا. هن چيو ته مون کي اميد آهي ??ه توهان جي ڏهاڪن کان جاري ڪم جي ذريعي پاڪ چين دوستي وڌيڪ مضبوط ٿيندي.
اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران چيني مجسمي ساز ماسٽر يوآن جي پاڪستان جي دوري جي آجيان
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج