اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپ??ڪر اسد قيصر چيو آهي ته لاهور موٽروي تي پيش ايندڙ واقعو پوري قوم جي لاءِ بدنما داغ آهي، ان واقعي جا اسان جي ايندڙ نسلن تي اثر پوندا. قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران اسپ??ڪر پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته لاهور جي واقعي تي بحث ٿئي ڇو ته اهو واقعو پوري قوم جي لاءِ بدنما داغ آهي ۽ ان جا ايندڙ نسلن تي اثر پوندا. عالمن، دانشورن ۽ سول سوسائٽي کي پنهنجي ٻارن ۽ ٻارڙين جي ??حف?? جي لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي. اسان جون به ٻارڙيون، مائرون ۽ ڀينرون آهن، هن مسئلي تي بحث ڪري ڪوتاهيون ختم ڪرڻ گهرجن. سيد نويد قمر چيو ته لاهور جي واقعي تي اسان التوا واري رٿ جمع ڪرائي آهي. اسان به چاهيون ٿا ته ان تي تفصيلي بحث ڪرايو وڃي. ان معاملي تي حڪومت ۽ مخالف ڌر بڻجي نه پر پاڪستان جو ش??ري بڻجي پنهنجي راءِ ڏي??. جتي جتي ڪوتاهي آهي اها ختم ڪرڻ جي لاءِ تجويزون سامهون آنديون وڃن.
لاهور موٽروي تي پيش ايندڙ واقعو پوري قوم جي لاءِ بدنما داغ آهي: اسد قيصر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات