اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان قطر سان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ مقرر نار رياست قطر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان الثاني سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس م??اق??ت ڪئي. م??اق??ت دوران ٻطرفن لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ??ئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان قطر سان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو. پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي قطر جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني سان ٿيندڙ م??اق??ت جو ح??الو ڏيندي پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. قطري سفير قطر جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاران پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي دوحه فورم ۾ شرڪت جو دعوتنامو ڏنو. قطر جي سفير پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيندي پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.
پاڪستان قطر سان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : apostas quina