ڪراچي – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وزيراعظم جو رحمت للعالمين اٿارٽي ٺاهڻ جو فيصلو تمام وڏو قدم آهي، قرآن مجيد ۽ اسوه حسنه تي عمل ڪري اسان دنيا جي طاقتور ترين قوم بڻجي سگهون ٿا، اسان کي ??نهنجي قوم جي تربيت ڪرڻ گهرجي، ان ڏس ۾ سڀ کان اڳ عالم سڳورا عبادتن سان گڏوگڏ اخلاقيات جي تربيت ڏين، حڪومت سٺي ۽ معياري تعليم جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. گورنر هائوس پاران جاري پڌرائي موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ منعقد سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس کي ??ڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ميڊيا هڪ اهم ٿنڀ آهي ۽ قوم جي تربيت ۾ ان جو اهم ??ردار آهي، پاڪستان جي ميڊيا هڪ ذميوار ميڊيا آهي. سنڌ جي گورنر چيو ته ڪانفرنس ۾ شريڪ عالم سڳورن جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته وزيراع??م عمران خان پاڪستان کي ??ديني جي رياست بڻائڻ جو تصور رکي ??و ۽ هو عالم سڳورن جي مدد جو منتظر آهي ته جيئن ملڪ کي ??لاحي رياست بڻائي سگهجي ان سلسلي ۾ رياست پاڪستان جو حڪمران توهان طرف هٿ وڌائي رهيو آهي، عالم سڳورا ع??ران خان جو ساٿ ڏين. هن وڌيڪ چيو ته اسان رحمت للعالمين اٿارٽي ٺاهي رهيا آهيون، اها اٿارٽي وزيراعظم کي ??شورو ڏيندي ۽ سموري اسلامي دنيا جا عالم سڳورا ان ۾ شامل هوندا پر پاڪستان جا عالم سڳورا ان کي ??يڊ ڪندا ڇو ته عالم سڳورن جي مدد کانسواءِ اهو ممڪن نه آهي، الله اسان کي ??وقعو ڏنو آهي ته مديني جي رياست ٺاهيون. سنڌ جي گورنر چيو ته منهنجي الله وزيراعظم جي دل ۾ نبي ﷺ جي محبت رکي آهي جڏهن نبي ﷺ جو ذڪر اچي ٿو اسان جا ڪنڌ تعظيم ۾ جهڪي وڃن ٿا، وزيراعظم هر جڳهه تي اسان جي نبي ﷺ جي ڳالهه ڪري ٿو جيڪا ڳالهه دل سان چئي وڃي اها اثر ڪري ٿي، نبي ﷺ جي تعليم اختيار ڪرڻ سان ئي اسان سرخرو ٿينداسين. هن چيو ته ٻارن کي اسان کي ??ڌائڻو پوندو ته پنهنجو رول ماڊل نبي ﷺ کي بڻائين. سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته هر سال اسان عقيدت ۽ محبت، جوش ۽ جذبي سان عيد ميلادالنبي ﷺ ملهائيندا آهيون ڇو ته اسان پاڻ ﷺ جا امتي آهيون ۽ انهن جي غلامي ڪريون ٿا ۽ انهن جي آيل دين جي عزمتن کي دل ۽ جان سان مڃون ??ا. ??ذهبي معاملن واري وفاقي وزير نورالحق قادري چيو ته رحمت للعالمين اٿارٽي قائم ڪرڻ جا ڏورس نتيجا نڪرندا. وزيراع??م عمران خان پاڪستان کي ??ديني جي رياست بڻائڻ چاهي ٿو ۽ اها اٿارٽي ان ويزن جي عڪاس ثابت ٿيندي، ان ڏس ۾ عالم سڳورن جو ڪردار انتهائي لازمي آهي ته جيئن پاڪستان کي ??لاحي رياست بڻائي سگهجي.
وزيراعظم جو رحمت للعالمين اٿارٽي ٺاهڻ جو فيصلو تمام وڏو قدم آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر