اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف چيو آهي ته قبائلي ضلعن جي عوام دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، اسان انهن جا مقروض آهيون، انهن قربانين ??ي رائيگان ٿيڻ نه ڏينداسين، حڪومت مقامي آبادي کي سهولت پهچائڻ ۽ سماجي اقتصادي ترقي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اتر وز??رستان جي دوري دوران قبائلي اڳواڻن کي خطاب ڪندي ڪيو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم قبائلي اڳواڻن س??ن ملاقات ڪئي ۽ انهن س??ن گڏ وقت گذاريو. قبائلي اڳواڻن وز??راعظم جي آجيان ڪئي ۽ وز??راعظم جو علائقي جي پهرين دوري تي ٿورو مڃيو جنهن س??ن قبائلي ضلعن جي لاءِ وز??راعظم جو ڌيان ۽ فڪر جو اظهار ٿئي ٿو. وز??راعظم پرامن ۽ مستحڪم پاڪستان جي لاءِ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هر ممڪن تعاون تي قبائلي اڳواڻن جا ٿورا مڃيا. وز??راعظم قبائلي اڳواڻن کي يقين ??ياريو ته سندس حڪومت دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ نقصان جي ڪري مقامي آبادي کي سهولت پهچائڻ ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي يقيني بڻائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندي. وز??راعظم چيو ته قبائلي ضلعن جي عوام وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ اسان انهن جا مقروض آهيون، اسان انهن جي قربانين ??ي رائيگان ٿيڻ نه ڏينداسين. اسان جي ترجيح پوري پاڪستان وانگر مقامي ڪميونٽي جي لاءِ شهري سهولتن کي يقيني بڻائڻ هوندي. قبائلي اڳواڻن وز??راعظم کي پاڪستان جي امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجي ڀرپور جو يقين ??ياريو. وز??راعظم شهباز شريف چيو ته هو اڳ ۾ به اتر وز??رستان اچي چڪو آهي ۽ هتي هڪ ڀيرو ٻيهر ??چي انتهائي خوشي ٿي رهي آهي. هن چيو ته جڏهن دهشتگردي عروج تي هئي، جهڙي طريقي سان توهان پنهنجي ڪلهن تي پنهنجي پيارن، پنهنجي ٻارن، بزرگن، مائرن، ڀينرن، فرزندن جا لاش کنيا، اهي وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته رڳو اهو ئي نه جڏهن پاڪستان وجود ۾ آيو ته ڪشمير ۾ به توهان جي ابن ڏاڏن، توهان جي بزرگن تمام وڏي جنگ وڙهي. وز??راعظم چيو ته آئون اها ڳالهه دل جي گهراين س??ن ڪري رهيو آهيان، جيڪي بزرگ ۽ جوان منهنجي سامهون ويٺل آهن، انهن جون قربانيون هر ??والي سان تاريخ ۾ سدائين سنهري لفظن ۾ لکيون وينديون.
قبائلي ضلعن جي عوام دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن