اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان برطانيا سا?? لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ل??ءِ پرعزم آهي، ٻطرفي تعاون جو وڌيڪ فروغ اسان جي ترجيحن ۾ سرفهرست آهي، پاڪستان جي عوام برطانوي شآاهي خاندان سا?? خصوصي لڳاءُ رکي ٿي، اهڙن خيالن جو اظهار هن برٽش هاءِ ڪميشن ۾ ملڪه برطانيا جي تاج پوشي جي 75 سا?? مڪمل ٿيڻ جي حوالي سا?? منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ملڪه برطانيا جي تاج پوشي جي تقريب ۾ شرڪت منهنجي ل??ءِ خوشي جوڳي آهي، برطانيا سا?? دوستي تي پاڪستان کي فخر آهي، پاڪستان جي عوام برطانوي شآهي خاندان سا?? خصوصي لڳاءُ رکي ٿي، جڏهن به برطانوي شاهي خاندان جي ماڻهن پاڪستان جو دورو ڪيو ته انهن جو شاندار استقبال ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته برطانيا سا?? لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ل??ءِ پرعزم آهيون، پنجاب ۾ خادم پنجاب طور ڪم ڪندي برطانيا اسان جي حڪومت سا?? ڀرپور تعاون ڪيو ۽ پرائمري تعليم، ماءُ ۽ ٻار جي صحت ۽ پنجاب اسڪلز ڊيو??پم??نٽ ڪمپني جي ذريعي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ سيڙڪاري جي حوالي سا?? برطانيا اسان جي تمام گهڻي مدد ڪئي جنهن تي برطانوي حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا ۾ ٻطرفي تعاون جو وڌيڪ فروغ اسان جي ترجيحن ۾ سرفهرست آهي، برطانيا جي وزيراعظم بورس جانسن سا?? گذريل هفتي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ هن واپار جي شعبي ۾ تعاون جي فروغ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ان سلسلي ۾ برطانيا جو هڪ وفد جلد پاڪستان جو دورو ڪندو، وزيراعظم چيو ته هو ملڪه برطانيا جي ڊگهي زندگي ۽ صحت ۽ سلامتي جي ل??ءِ دعاڳو آهي، ملڪه برطانيا نه رڳو برطانيا پر پوري دولت مشترڪه جي ل??ءِ اتحاد، اميد ۽ ??سل??ل جي علامت آهي. تقريب کي پاڪستان ۾ برطانيا جي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر پڻ خطاب ڪيو. بعد ۾ وزيراعظم شهباز شريف برطانوي هاءِ ڪمشنر سا?? گڏ ڪيڪ ڪاٽيو.
پاڪستان برطانيا سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، ٻطرفي تعاون جو وڌيڪ فروغ اسان جي ترجيحن ۾ سرفهرست آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ