اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) ملڪ ۾ 30 جون کان سانوڻي جي برساتن جي سلسلي جو امڪان آهي جنهن جي ڪر?? نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي لاڳاپيل (اين ڊي ايم اي) ادارن کي الرٽ ر??ڻ جي هدايت ڪر?? ڇڏي آهي. موسميات کاتي جي تازه ترين پڌرائي موجب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ خميس 30 جون کان اڱاري 5 جولاءِ دوران طوفان، تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب برساتن جي ان تيز سلسلي جي ڪر?? 2 کان 4 جولاءِ دوران اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور، گوجرانوالا، سيالڪوٽ، فيصل آباد ۽ 3 کان 5 جولاءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد جا نشيبي علائقا ??اڻي هيٺ اچڻ جو امڪان آهي جڏهن ته ڪشمير، گليات، مري لينڊ سلائيڊنگ جو خدشو آهي. اين ڊي ايم اي ان صورتحال جي ڏس ۾ سمورين وفاقي، صوبائي وزارتن، انهن جي ماتحت لاڳاپيل ادارن بشمول صوبائي، گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ضلعي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز کي ڪنهن به قسم جي هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ ۽ وقت سر اڳواٽ قدم کڻڻ جي هدايت ڪر?? ڇڏي آهي. پي ڊي ايم اي ۽ ڊي ڊي ايم اي کي سمورن لاڳاپيل ادارن سان رابطي ۾ رهڻ، ايمرجنسي مشينري ۽ عملي کي تيار رکڻ سان گڏ هيٺين علائقن جي لاءِ ڊي واٽرنگ پمپس جي اڳواٽ موجودگي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪر?? ڇڏي آهي ته جئين موسم جي ڪر?? ٻوڏ واري پاڻي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي سگهجن، لوڪل ريسڪيو سروسز ڊپارٽمينٽس ٻوڏ خطري ۾ ورتل علائقن جي رهواسين خاص طور تي سياحتي جاين طرف ويندڙ عوام کي غير ضروري چرپر کان محتاط رکڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي آگاهي مهم هلائين. وڌيو اهو ته هيٺين علائقن ۾ رهندڙ ماڻهو محتاط رهن ۽ ڪنهن به قسم جي هنگامي صورتحال بابت ايمرجنسي سروسز کي فوري طور تي آگاهه ڪن. قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بشمول موٽروي/ ٽريفڪ پوليس اترين علائقن ط??ف سفر ڪندڙ مسافرن ۽ سياحن کي امڪاني برساتن ۽ رستن جي تازه ترين صورتحال کان باخبر رکن.
ملڪ ۾ 30 جون کان سانوڻي جي برساتن جي سلسلي جو امڪان
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز