اسلام آبا?? – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪمرشل ۽ ڪاروباري معام??ن واري آمريڪي خصوصي نمائندي دلاور سيد سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب واشنگٽن ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ مملڪتي وزير حنا رباني کر، آمريڪا ۾ پاڪستان جو سفير مسعود خان ۽ ٻيا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ جي صورتحال، ٻوڏ جي تباهين کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان ??دم آمريڪي مدد ۽ پاڪ آمريڪا واپاري لاڳاپن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات جي موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري تازي ٻوڏ دوران آمريڪا پاران فراهم ڪيل معاملن تي ساراهيو. ملاقات ۾ پاڪ آمريڪا ٻطرفن واپاري لاڳاپن جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آمريڪي واپاري معام??ن واري خصوصي نمائندي دلاور سيد ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهين تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظ??ار ڪيو.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس