اسلام آباد – 27 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ??اڪڙ گڏيل عرب امارات کانپوءِ 28 – 29 نومبر تي ڪويت جو ٻطرفو دورو ڪندو. پنهنجي دوري دوران نگران وزيراعظ?? ڪويت جي ولي عهد شيخ مشعل الجابر الصباح ۽ وزيراعظم شيخ احمد نواف الاحمد الصباح سان ملاقات ڪندو. پرڏيهي آفيس ??ي ترجمان موجب ان دوري ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ افرادي قوت، انفارميش?? ٽيڪنالاجي، معدنيات جي ڳولا، غذائي تحفظ، توانائي ۽ دفاع جي شعبي ۾ مفاهمت جي مختلف ياداشتن تي صحيحون ڪيون وينديون. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ ڇهن ڏهاڪن تي ٻڌل گهرا ۽ تاريخي لاڳاپا آهن، سال 2023ع کي ٻنهي ملڪن جا سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 60 هين سالگرهه طور تي ملهايو پيو وڃي.
مضمون کا ماخذ : sorteios quina