اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ گڏ??ل عرب امارات ۾ آهي، نگران وزيراعظم ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ کي خ??اب ۾ مو??مياتي تبديلي بابت پاڪستان جو ويزن پيش ڪندو. پريس بريفنگ ۾ ترجمان چيو ته دبئي ۾ نگران وزيراعظم جي ايجنڊا ۾ سربرا??ي اجلاس ۾ اعليٰ سطحي شرڪت ۽ سائيڊ لائينز تي ٻطرفيون ملاقاتون شامل آهن. هو ڇنڇر ڏينهن سربراهه اجلاس کي خ??اب ڪندو جتي هو مو??مياتي تبديلي لاءِ پاڪستان جو ويزن پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ ۾ ڪيل واعدن جي وڪالت ڪندو. ترجمان چيو ته نگران وزيراعظم مو??مياتي ريزيليئنس جي لاءِ برابري ۽ عالمي تعاون تي به زور ڏيندو. ترجمان چيو ته ڪوپ – 28 ۾ پاڪستان جو مقصد لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي بحال ڪرڻ جي لاءِ گلوبل اسٽاڪ ٽيڪ سان هڪ بامعنيٰ نتيجاخيز ۽ مو??مياتي فنانس ۾ ساليانو 100 ارب ڊالر گڏ ڪرڻ جي ڊگهي مدي واري هدف کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ اسرندڙ ملڪن سان تعاون ڪرڻو آهي. هن چيو ته عالمي مو??مياتي سربرا??ي اجلاس جي لاءِ دبئي وڃڻ کان اڳ نگران وزيراعظم 26 – 28 نومبر تي گڏ??ل عرب امارات ۽ 28 – 29 نومبر تي ڪويت جو دورو ڪيو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ گڏ??ل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ڌرين ٻطرفي اسٽريٽجڪ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻن??ي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ والاريل فلسطين ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال ۽ انساني همدرديءَ جي صورتحال تي ڌيان ڏنو. هن چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪوپ – 28 جي لاءِ گڏ??ل عرب امارات جي صدارت لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ به ڪيو. ڌرين توانائي، پورٽ آپريشن پراجيڪٽس، ڪچري جي صفائي، پاڻي جي صفائي، خوراڪ جي حفاظت، لاجسٽڪ?? معدنيات، بئنڪنگ ۽ مالياتي خ??متن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي تعاون بابت ڪيترين ئي مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ کي خطاب ۾ موسمياتي تبديلي بابت پاڪستان جو ويزن پيش ڪندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری