اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ت??جم??ن ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته 5 جنوري ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي ڏينهن طور ملهايو ويو. 1949ع ۾ ان ڏينهن گڏيل قومن جي هندستان ۽ پاڪستان بابت ڪميشن (يو اين سي آئي پي) ان ڳالهه جي ضم??نت ڏني هئي ته ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آزاداڻو ۽ منصفاڻو ريفرنڊم ڪرايو ويندو ته جيئن ڪشميري عوام پنه??جي خودمختياري جو حق استعمال ڪري سگهي. ت??جم??ن چيو ته خودمختياري جو حق عالمي قانون جو هڪ بنيادي اصول آهي، هر سال گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي هڪ قرارداد منظور ڪري ٿي جيڪا ماڻهن کي پنه??جي تقدير پاڻ طئي ڪرڻ جڪي قانوني حق جي توثيق ڪري ٿي، اهو غيرملڪي قبضي تحت ماڻهن جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ غيرواضح حمايت جو اظهار ڪري ٿو. هن چيو ته ڀارت 70 سال کان وڌيڪ عرصي کان ڪشميرين کي انهن جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق کان محروم رکيو آهي. ت??جم??ن ڀارت تي زور ڏنو ته هو پنه??جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي حقن ۽ آزادي جو احترام ڪري ته جيئن ڪشميري عوام گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب پنه??جي خودمختياري جو هق استعمال ڪري سگهي. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنه??جي ڪشمي??ي ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.
پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز