اسلام آباد- 06 فيبروري (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان عام چونڊ ۾ حصو وٺندڙ سمورين سياسي پارٽين ۽ اميدوارن کي خبردار ڪيو آهي ته ضابطه اخلاق مطابق عام چونڊن جي ڏينهن پولنگ اسٽيشنن جي 400 ميٽرن جي حدن ۾ ڪنهن به قسم جي مهم ۽ وو??رن کي وو?? ڏيڻ لاءِ قائل ڪرڻ ۽ ڪنه?? خاص اميدوار لاءِ مهم هلائڻ تي پابندي هوندي. هتي جاري بيان ۾ ترجمان چيو ته پولنگ اسٽيشن جي 100 ميٽر اندر ڪنه?? خاص اميدوار جي حق ۾ وو?? وِجهڻ لاءِ وو??ر جي حوصله افزائي يا ان کي وو?? نه ڏيڻ لاءِ حوصله شڪني تي ٻَڌل نوٽيس، علامتون، بينر يا جهنڊا لڳائڻ تي مڪمل پابندي هوندي. جڏهن ته سياسي پارٽيون، اميدوار، اليڪشن ايجنٽ يا ان جا حمايتي، پولنگ ??اري ڏينهن ٻهراڙي وارن علائقن ۾ پولنگ اسٽيشن کان 400 ميٽر يا شهري علائقن ۾ 100 ميٽرن جي مفاصلي تي پنهنجي ڪيمپ لڳائي سگهندا. ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر، رٽرننگ آفيسر ۽ پوليس انتظاميه ڄاڻايل مٿين شقن تي عملدرآمد تي يقيني بنائڻ جا ذميوار هوندا، ان جي خلاف ورزي غير قانوني فعل تصور ڪئي ويندي، جنهن تي قانون مطابق سخت ڪارروائي ٿيندي.
عام چونڊن جي ڏينهن پولنگ اسٽيشنن جي 400 ميٽرن جي حدن ۾ ڪنهن به قسم جي مهم ۽ ووٽرن کي ووٽ ڏيڻ لاءِ قائل ڪرڻ تي پابندي هوندي: اليڪشن ڪميشن
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ