اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) اليڪش?? ڪميشن متفقا ??ور سني اتحاد ڪونسل ??ي صدارتي اميدوار محمود خان اچڪزئي ??ي صدارتي چونڊ ملتوي ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. اليڪش?? ڪميشن طرفان چيئرمين سڪندر سلطان راجا ۽ چئني ميمبرن طرفان متفقا ??ور تي جاري ڪيل فيصلي ۾ قرار ڏنو ويو آهي ته قومي اسمبلي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جون چونڊون 8 فيبروري تي ٿي چڪيون آهن ۽ اهو آئين جي آرٽيڪل 41 جي شق 5 تحت جيڪڏهن اسيمبليون ٽوڙيون ويون هجن ته عام چونڊن جي 30 ڏينهن اندر صدر جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ ان جي چونڊ ڪرڻ لازمي آهي. اليڪش?? ڪميشن پهرين مارچ تي صدر جي چونڊ لاءِ شيڊول جاري ڪيو جنهن تحت 9 مارچ تي اليڪشن ٿي رهيو آهي. ان جي جانچ پڙتال سميت سمورو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ صدارتي اميدوار محمود خان اچڪزئي طرفان چونڊ ڪالج مڪمل نه هجڻ جي موقف سان چونڊ ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڏني وئي جڏهن ته هن طرفان چونڊ ڪالج جي حوالي سان ريٽرننگ آفيسر وٽ ڪو اعتراض نه اٿاريو ويو، هن وقت قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ چئني صوبائي اسيمبليون فعال آهن ۽ وزيراعظم ۽ وڏن وزيرن جي چونڊ پڻ ٿي چڪي آهي. ان ڪري اليڪش?? ڪميشن متفقا ??ور تي محمود خان اچڪزئي طرفان صدارتي چونڊ ملتوي ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
اليڪشن ڪميشن محمود خان اچڪزئي جي صدارتي چونڊ ملتوي ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم