اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ترڪيه سان واپار، معيشت، تعليم ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي ??ڌيڪ وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ترڪ ڪمپنيون پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻن ۽ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي ذريعي سيڙپڪاري ڪن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير ڊاڪٽر مهمت پاچاجي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ترڪ سفير جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي عوام جي وچ ۾ تاريخي ۽ پراڻا لاڳا??ا آ??ن، ٻنهي قومن سدائين مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏ??و آهي. صدر چيو ته پاڪستان انفراسٽرڪچر جي ترقي جي شعبي سميت ترڪيه جي ترقياتي تجربي مان فائدو کڻي سگهي ٿو. علائقائي رابطن کي ??روغ ڏيڻ جي لاءِ هن ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ريلوي رابطو قائم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل فزيبلٽي اسٽڊي جي تجويز ڏني. صدر عوامي رابطن کي ??ڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ تعليمي ۽ ثقافتي مٽاسٽا کي ??ڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي پاڪستان ۾ ست??ن اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جي اجلاس ۾ آجيان ڪندو. هن صدر چونڊجڻ ۽ رمضان المبارڪ جي شروعات تي مبارڪباد جي پيغامن تي صدر طيب اردوان جا ٿورا مڃيا. هن ترڪيه جي صدر جي مستقبل ۾ ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.
ترڪ ڪمپنيون پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻن: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ