اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ڏهاڙي ۽ عيدالفطر جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90، 90 ڏينهن جي گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي. سزائن ۾ گهٽتائي جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 45 ۽ رولز آف بزنس جي رول 15 اي تحت ڏني وئي آهي. ايوان صدر جي پريس و??گ موجب سزائن ۾ گهٽتائي جو لاڳو قتل، جاسوسي ۽ رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث قيدين تي نه ٿيندو. اهڙي طرح سزائن ۾ گهٽتائي جو لاڳو زنا، چوري، ڦر، اغوا ۽ دهشتگردي ۾ سزا يافته ڏوهارين کانسواءِ مالي ڏوهن ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ڏوهارين تي ??ه نه ٿيندو. غي??ملڪي ماڻهو ايڪٽ 1946ع ۽ م??شي??ت ڪنٽرول (ترميمي) ايڪٽ 2022ع تحت سزا يافته ماڻهن تي ??ه سزائن ۾ گهٽتائي جو فيصلو لاڳو نه ٿيندو. 65 سالن کان وڌيڪ عمر جا اهڙا مرد قيدي جيڪي پنهنجي هڪ ڀاڱي ٽي قيد ڪاٽي چڪا آهن ۽ 60 سالن کان وڌيڪ عمر جون عورت قيدي جيڪي هڪ ڀاڱي ٽي قيد ڪاٽي چڪ??ون آهن انهن تي ??زائن ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي. اهڙي طرح 18 سالن کان گهٽ عمر ماڻهو جيڪي پنهنجي هڪ ڀاڱي ٽي سزا ڪاٽي چڪا آهن انهن تي ??ه سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي.
صدر پاران پاڪستان ڏهاڙي ۽ عيدالفطر جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90، 90 ڏينهن جي گهٽتائي جي منظوري
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان