اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران سيڪيورٽي، واپار، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ويٽرنري هيلٿ، ثقافت ۽ عدالتي معاملن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ 8 معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن ??ي صحيحون ڪيو??. ص??يحن واري تقريب وزيراعظم هائوس ۾ ٿي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايران جو صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي پڻ موجود هئا. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڪيورٽي جي شعبي ۾ تعاون جي معاهدي جي توثيق ڪئي وئي. سول معاملن ۾ تعاون جي لاءِ عدالتي معاونت جي معاهدي تي قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ ايران جي انصاف واري وزير امين حسين رحيمي صحيحون ڪيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويٽرنري ۽ حيوانات ??ي صحت جي شعبي ۾ تعاون جي معاهدي تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. معاهدي تي نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ ايران جي زراعت واري وزير جهاد محمد علي نيڪ بخت صحيحون ڪيون. پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ جوائنٽ فري اڪنام?? زون/ اسپيشل اڪنام?? زون قائم ڪرڻ جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي سيڙپڪاري بورڊ واري سيڪريٽري عنبرين افتخار ۽ ايران ??ي صدر ??ي صلاحڪار ۽ سپريم ڪائونسل آف فري ٽريڊ انڊسٽريل اينڊ اسپيشل اڪنام?? زونز واري سيڪريٽري حجت الله عبدالمال??ي صحيحون ڪيون. ايران جي وزارت ڪوآپريٽو ليبر اينڊ سوشل ويلفيئر ۽ سمنڊ پار پاڪستانين ۽ انساني وسيلن واري جي ترقي واري وزارت واري وزارت جي وچ ۾ تعاون جي هڪ مفاهمت جي يادداشت تي اوورسيز پاڪستانيز واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين ۽ ايران جي روڊ ۽ شهري ترقي واري وزير مهر داد بازرپاش صحيحون ڪيون. ٻنهي ڌرين پاڪستان اسٽينڊرڊ اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ ايران جي نيشنل اسٽينڊرڊ آرگنائيزيشن جي وچ ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت ??ي صحيحون ڪيون. مفاهمت جي يادداشت تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ ايران جي رستن ۽ شهري ترقي واري وزير مهر داد بازرپاش صحيحون ڪيون. پاڪستان ۽ ايران ميوچل ليگل ڪوآپريشن جي لاءِ مفاهمت جي يادداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. مفاهمت جي يادداشت تي قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ ايران جي انصاف واري وزير امين حسين رحيمي صحيحون ڪيون. پاڪستان جي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ايران جي آرگنائيزيشن آف سئنيما اينڊ آڊيو ويزوئل افيئرز جي وچ ۾ ٻنهي ملڪن ۾ فلمن جي مٽاسٽا ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هڪ مفاهمت جي يادداشت ??ي صحيحون ڪيون ويون. ان مفاهمت جي يادداشت تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ ايران جي ثقافت ۽ اسلامي رهنمائي واري وزير محمد مهدي اسماعيلي صحيحون ڪيون.
پاڪستان ۽ ايران پاران سيڪيورٽي، واپار، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ويٽرنري هيلٿ، ثقافت ۽ عدالتي معاملن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ 8 معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔