ا??لا?? آباد – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسپين جي وزيراعظم پيڊرو س??نچيز جي فلسطين کي باضابطا رياست تسليم ڪرڻ جي اعلان جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اسپين جهڙي ملڪ جو فلسطين جي حقيقت کي تسليم ڪرڻ عالمي م??ظر??امي تي هڪ مثبت اڳڀرائي ۽ خوش آئنده ڳالهه آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پيڊرو س??نچيز ۽ اسپين جي ماڻهن معصوم فلسطينين تي اسرائيل پاران ج??ري تاريخي ظلم ۽ ڏاڍ ۽ غاصباڻي ارادن کي ان فيصلي سان رد ڪري ڇڏيو آهي، رفح ۾ اسرائيل جي اشتعال انگيز بمباري جي نتيجي ۾ وڌيڪ 45 فلسطيني شهيد ٿيا، جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. وزيراعظم چيو ته فلسطين ۾ جاري اسرائيلي نسل ڪشيءَ کي ختم ٿيڻ گهرجي، پاڪستان پنهنجي معصوم فلسطيني ڀينرن ڀائرن جي هڪ آزاد فلسطين ۽ بيت ??لمقدس کي بطور ان جي گادي وارو شهر قائم ٿيڻ تائين سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت ??اري رکندو.
وزيراعظم پاران اسپين جي وزيراعظم جي فلسطين کي باضابطا رياست تسليم ڪرڻ جي اعلان جي آجيان
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا