اسلا م آباد-11 مئي(اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پر??يهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 13 مئي کان 16 مئي تائين عو??مي جمهوريه چين جو چئن ڏينهن جو دورو ڪندو، جٿي هو چيني پر??يهي ۽ چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي پر??يهي معاملن ??اري ڪميشن جنرل آفيس جي ڊائريڪٽر وانگ سي سان پنجين پاڪ چين وزيرڏيهي اسٽريٽجڪ لڳاپن جي گڏيل صدارت ڪندو، پر??يهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب ان موقعي تي ڌريون اقتصادي ۽ واپاري سهڪار، اعلي سطح جي مٽاسٽا ۽ دوري، چين پاڪستان اقتصادي راهداري جي اپ گريڊيشن ۽ مستقل رابطن جي قدمن سميت پاڪ چين ٻه طرفا لڳاپن جو جامع جائزو وٺنديون. ٻئي اڳواڻ علائقائي جغرافيائي سياسي منظر نامي ۽ ٻه طرفا سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پر??يهي وزير اسحاق ڊار چيني اڳواڻن، سينيئر وزيرن ۽ ڪارپوريٽ شعبي جي اڳواڻن سان پڻ ملاقات ڪندو، نائب وزير اعظم جو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعلي سطح جي مٽاسٽا جو حصو آهي، اهو دورو” آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪو آپريٽو پارٽنر شپ “ کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ، بنيادي دلچسپي وارن معاملن تي گڏيل سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ،سي پيڪ سميت اقتصادي ۽ واپاري سهڪار کي هٿي وٺرائڻ، علائقائي امن ۽ ترقي لاءِ هٿي ڏيڻ جي حوالي سان ٻنهي ملڪن ??ي عزم ۽ ان جي اهميت ??ي عڪاسي ڪر ي ٿو.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 13 مئي کان عوامي جمهوريه چين جو چئن ڏينهن جو دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa