اسلام آباد – 31 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ ان??رنيٽ جي تيز تر ۽ بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ڊيجيٽائيزيشن معيشت کي ڊيجيٽل رخن تي قائم ڪرڻ ۽ خودڪار نظام جي لاءِ سنگ ميل هوندي. هو ايشيا ان??رنيٽ ڪوليشن جي 3 رڪني وفد سان ڳالهائي رهيو هو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت ايشيا ان??رنيٽ ڪوليشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جيف پئين ڪري رهيو هو. ملاقات ۾ ڊيٽا جي تحفظ، ان??رنيٽ تي مواد جي حوالي سان ضابطه اخلاق ۽ اليڪٽرانڪ ڏوهن جي روڪٿام جي حوالي سان حڪمت عملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ ان??رنيٽ جي تيز تر ۽ بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ حڪومت ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، پاڪستان ۾ ان??ارميشن ٽيڪنالاجي ان??راسٽرڪچر ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي حوالي سان حڪمت عملي تي عملدرآمد جاري آهي، حڪومت مصنوعي ذهانت تي ٻڌل بنيادي ڍانچي جي ترويج تي ڪم ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته اسان مصنوعي ذهانت ان??راسٽرڪچر جي حوالي سان پاڪستان کي خطي ۾ هڪ نمايان ملڪ بڻائڻ جي حوالي سان پرعزم آهيون، حڪومت جي ڊيجيٽل پاڪستان ان??شي ايٽو تحت سڄي نظام کي ڊيجيٽائيز ڪيو پيو وڃي، فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ڊيجيٽائيزيشن معيشت کي ڊيجيٽل رخن ۽ خودڪار نظام طرف ??ٺي وڃڻ جي حوالي سان هڪ وڏو سنگ ميل هوندو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پرسنل ڊيٽا پروٽيڪشن بل جي مسودي تي سمورين ڌرين سان مشاورت جاري آهي. وزيراعظم پاڪستان ۽ ايشيا پيسفڪ ريجن ۾ ان??ارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ان??رنيٽ ان??راسٽرڪچر جي فروغ جي لاءِ ايشيا ان??رنيٽ ڪوليشن جي خدمتن کي ساراهيو. وفد وزيراعظم کي ايشيا ان??رنيٽ ڪوليشن جي پاڪستان ۾ ان??ارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ جاري پنهنجي سروسز کان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ ان??ارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، تانيه ادروس ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.
حڪومت ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي تيز تر ۽ بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج