رحيم يار خان-23 آگسٽ (اي پي پي) ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي حملي ۾ شهيد ٿي?? پوليس اهلڪارن جي جنازي ??ما?? ادا ڪئي وئي، شهيد پوليس اهلڪارن جي جنازي ??ما?? صادق شهيد پوليس لائينز ۾ ادا ڪئي وئي. پوليس جي شهيد اهلڪارن جي جنازي ??ما?? ۾ گهرو معاملن واري وفاقي وزير، آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور، گهرو سيڪريٽري پنجاب نور الامين منيگل شرڪت ڪئي. جنازي ??ما?? ۾ فوج جي سينئر آفيسرن، جوانن، عوام ۽ شهيدن جي رشتيدارن به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪچي جي علائقي ۾ ڌاڙيلن جي حملي ۾ 12 پوليس اهلڪار شهيد جڏهن ته 8زخمي ٿيا آهن، شهيد پوليس اهلڪارن ۾ اقليتي برادري سان تعلق رکندڙ 3 جوان به شامل هئا، پوليس جي چست جٿي شهيدن کي سلامي ڏني، جنازي ??ما?? جي ادائيگي کانپوءِ شهيدن جا مڙهه سندن اباڻن علائقن ڏانهن روانا ڪيا ويا. شهيدن کي اباڻن علائقن ۾ مڪمل اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. گهرو وزير محسن نقوي شيخ زيد اسپتال ۾ علاج هيٺ پوليس جوانن جي طبيعت پڇي. گهرو وزير محسن نقوي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهيدن جون عظيم قربانيون ڪنهن به صورت ۾ رائيگان نه وينديون، وفاقي حڪومت ڪچي جي ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ پنجاب حڪومت کي مڪمل مدد فراهم ڪندي. پوليس جوانن جي شهادت پاڪستان لاءِ سانحو آهي، ان مڪروه فعل ۾ ملوث ڌرين کي عبرت جو نشانو بڻائينداسين. هن چيو ته شهيد پوليس اهلڪارن کي اعليٰ اعزا??ن سان نوازڻ جي سفارش ڪئي ويندي.
ڪچي جي ڌاڙيلن جي حملي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، وفاقي گهرو وزير، آءِ جي پنجاب، گهرو سيڪريٽري پنجاب سميت وڏي انگ ۾ ماڻهن جي شرڪت
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری