ڪوئٽا -26 آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي علائقي موسيٰ خيل ۾ هٿياربندن 23 مسافرن کي گاڏين مان لاهي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو ۽ موقعي تان فرار ٿي ويا. ضلع موسيٰ خيل جي سپرنٽينڊنٽ پوليس ايوب اچڪزئي موجب واقعو پنجاب بلوچستان جي قومي شاهراهه تي راڙا??م ويجهو پيش آيو. ايس پي شهرين جي مارجڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ان واقعي ۾ 23 ڄڻن کي گاڏين مان لاهي قتل ڪيو ويو. ايس پي موسيٰ خيل ايوب اچڪزئي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته لاشن کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ايوب اچڪزئي ٻڌايو ته هٿياربند پنجاب سان تعلق رکندڙ 6 ماڻهن کي مسافر گاڏين مان لاٿو جڏهن ته ??اق?? 17 ڄڻن کي ڪوئلي سان ڀريل ٽرڪن مان لاهي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ پوءِ کين فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇ??يو. موسيٰ خيل ۾ جنهن هنڌ هي واقعو پيش آيو اتي هٿياربندن بي رحماڻي ڪارروائي کا?? پوءِ 10 کا?? وڌيڪ گاڏين کي به باهه ڏئي ڇڏي. پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربند شاهراه تي ناڪو لڳائي مسافرن کي بسن ۽ ٽرڪن مان لاهي سڃاڻپ کا?? پوءِ قتل ڪري ڇ??يو.
بلوچستان جي موسيٰ خيل ۾ هٿياربندن 23 مسافرن کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ گاڏين کي باهه ڏئي ڇڏي: ايس پي ايوب اچڪزئي
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste