اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ملائيشيا واپ??ر، معيشت، بئنڪنگ جي شعبي، فوڊ ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون ??ي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي، ٻنهي ملڪن گڏيل اهميت رکندڙ معاملن تي تعاون وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. اها ڳالهه ايوان صدر ۾ صدر آصف علي زرداري ۽ ملائيشيا جي وز??ر??عظ?? داتوسري ??نو?? ابراهيم جي وچ ۾ ملاقات دوران چئي وئي. صدر ملائيشيا جي وز??ر??عظ?? جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان پنهنجي لاڳاپن کي ملائيشيا سان وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ هو ٻطرفي تعاون ??ي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته ملائيشيا جي وز??ر??عظ?? جو هي دورو ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون ??ي وڌيڪ فروغ ڏيندو. صدر غزه جي موجوده صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها اسرائيل کي فلسطيني عوام جي خلاف نسل ڪشيءَ ۽ ظلمن کان روڪڻ جي لاءِ قدم کڻي. ملائيشيا جي وز??ر??عظ?? داتوسري ??نو?? ابراهيم صدر کي ٻڌايو ته هن وز??ر??عظ?? محمد شهباز شريف سان خوشگوار ماحول ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. ان موقعي تي نائب وز??ر??عظ??/ پرڏيهي وز??ر سينيٽر محمد اسحاق ڊ??ر، پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي ميمبر بلاول ڀٽو زرداري، واپار وارو وفاقي وز??ر ڄام ڪمال خان، سينيٽر شيري رحمان ۽ ٻيا اعليٰ حڪومتي عهديدار پڻ موجود هئا.
صدر سان ملائيشيا جي وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم جي ملاقات، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں