اسلام آ??اد-06 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته وزيراعظم جي وسيع سوچ موجب اسلام آ??اد کي آءِ ٽي ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ علائقائي جدت جو مرڪز بڻايو پيو وڃي، اسلام آ??اد آءِ ٽي پارڪ ۾ جديد سهولتن جي فراهمي ذريعي آءِ ٽي ڪمپنيون ۽ اسٽارٽ اپس کي فني ۽ انتظامي مدد فراهم ڪئي وي??دي. هن اها ڳالهه اربع ڏينهن هتي اسلام آ??اد آءِ ٽي پارڪ منصوبي جي اڳڀرائي جي جائزي لاءِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزير شزه فاطمه خواجه، رٿابندي واري وزارت ۽ آءِ ٽي جا سينئر عملدار ۽ ڏکڻ ڪوريا جي سفير سميت ڪورين سفارتخاني جا ٻيا آفيسر به شريڪ هئا.پروفيسر احسن اقبال اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم جي ويزن تي زور ڀريو، جنهن جو مقصد اسلام آ??اد کي آءِ ٽي ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ علائقائي جدت جو مرڪز بڻائڻ آهي. هن پاڪستان ۾ پائيدار ڊجيٽل معيشت جو بنياد رکڻ ۽ منصوبي جي وقت سر تڪميل لاءِ جامع ۽ مربوط ترقياتي حڪم عملي اختيار ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته اسلام آ??اد آءِ ٽي پارڪ 66893 چورس ميٽر ايراضي تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ ٻه تهه خانه ، هڪ گرائونڊ فلور ۽ 9 اضافي منزلون آهن. اهو منصوبو ڪوريا جي اقتصادي ترقياتي مدد جي فنڊ ۽ پاڪستان جي سرڪاري شعبي جي سالياني ترقياتي پروگرام وچ ۾ مالي تع??ون سان تيار ڪيو پيو وڃ??. ا?? 88.384 ملين ڊالرن جي لاڳت سان منصوبي ۾ 76.310 ملين ڊالرن جو قرض ڪورين ايگزم بئنڪ فراهم ڪري رهي آهي جڏهن ته باقي 12.476 ملين ڊالر پاڪستان حڪومت طرفان فراهم ڪيا ويا آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آ??اد آءِ ٽي پارڪ ۾ جديد سهولتن جي فراهمي ذريعي آءِ ٽي ڪمپنين ۽ اسٽارٽ اپس کي فني ۽ انتظامي مدد فراهم ڪئي ويندي، جيڪا پاڪستان کي عالمي آءِ ٽي صنعت ۾ مقابلو ڪرڻ جي قابل بڻائي??دي. پارڪ ۾ 120 آفيس اسپيسز، اسٽارٽ اپس لاءِ 15 آفيسن تي ٻڌل انڪيوبيشن سينٽر، بزنس سپورٽ سينٽر، صنعت – اڪيڊمي رابطا مرڪز، بجلي جي بنا رنڊڪ فراهمي، ٽائر III ڊيٽا سينٽر، R&D آءِ ٽي ليبز، آڊيٽوريم ۽ ورچوئل ڪلاس رومز شامل آهن جيڪي تحقيق ۽ تربيت کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ٿيندا. پاڪستان ۾ ڏکڻ ڪوريا جي سفير پارڪ ڪي جون پاڪستان سان ان تاريخي منصوبي تي ويجهي تع??ون لاءِ ڪوريا جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ آءِ ٽي منصوعات جي روانگي واپار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ حصيداري کي هٿي ڏيڻ تي ڪوريا جي دلچسپي جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير ٽيڪسلا ۾ گنڌارا آءِ ٽي يونيورسٽي جي قيام جي تجويز ڏني، جنهن جو مقصد تعليم ۽ جدت کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت ان منصوبي تحت يونيورسٽي لاءِ زمين ??راهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ ڪوريا جي هڪ اعليٰ تعليمي اداري کي پاڪستان ۾ موجودگي قائم جي آجيان ڪري ٿ??. ا??و قدم گنڌارا جي قديم ورثي کي محفوظ رکندي ٽيڪسلا کي هڪ جديد تعليمي مرڪز ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش آهي، جيڪا خطي ۾ تعليمي فضيلت جي هڪ نئين دور جو آغاز ثابت ٿي??دي.
حڪومت اسلام آباد آءِ ٽي پارڪ کي تيزي سان مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي: وفاقي وزير احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج