اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ ڪالهه چٽاڀيٽي ڪميشن جو دورو ڪيو، ان موقعي تي وفاقي وزير کي ڪميشن جي مينڊيٽ ۽ ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني وئي. چٽاڀيٽي ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر ڪبير سڌو وفاقي وزير کي ع??ال??ن ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن تي بريفنگ ڏني. وفاقي وزير ع??ال??ن ۾ التوا ۾ پيل ڪيسن جي جلد ٻڌڻي جي مدد لاءِ خاطري ڪرائي. هن چٽاڀيٽي ٽربيونل ۾ ججن جي جلد مقرري جي به خاطري ڪرائي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته چٽاڀيٽي ڪميشن جي ع??ال??ن ۽ چٽاڀيٽي ٽربيونلز ۾ 550 ڪيس التوا هيٺ آهن. ڪميشن جي 74 ارب روپين جي ڏنڊ تي ع??ال??ن ۾ اس??ي ڏنا ويا آهن جڏهن ته ع??ال??ن ۾ جلد ٻڌڻي لاءِ ڪيتريون ئي درخواستون به ڏنيون ويون آهن. گذريل هڪ سال ۾ ع??ال??ن 69 ڪيسن جا فيصلا ٻڌايا ۽ ع??ال??ن جي فيصلن جي نتيجي ۾ 100ملين روپيا ڏنڊ حڪومتي خزاني ۾ جمع ٿيو. وفاقي وزير ڪميشن کي ڀرپور انفورسمنٽ لاءِ حڪومت جي مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائي.
قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ پاران چٽاڀيٽي ڪميشن جو دورو، ڪميشن جي مينڊيٽ ۽ ڪارڪردگي تي بريفنگ ورتي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج