اسلام آباد- 17 ڊسمبر (اي پي پي) قازخستان ۽ پاڪستان وچ ۾ واپار کي ??ٿي وٺرائڻ لاءِ شين ۽ مشينري جا ڊسپلي سينٽر قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سيڙپڪاري ۽ نجڪاري بورڊ طرفان جاري بيان مطابق اهو فيصلو وفاقي وزير عبدالعليم خان جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ قازخستان جي سفير يرزهان ڪستافن خاص شرڪت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته ??اڪستان ۽ قازخستان هڪ ئي ڇِت هيٺيان ڪاروباري ڪميونٽي کي ??ڏي پيماني تي سهولتون فراهم ۽ آئينده ٽن سالن ۾ ٻه طرفي واپار جي ڳاڻيٽي ۾ 100 سيڪڙو اضافو ڪندا. هن چيو ته ??ختلف شهرن ۾ وڃڻ بجاءِ پرڏيهي سيڙپڪارن جي ضرورتن کي ??ڪ ئي مرڪز ۾ پورو ڪنداسين. ان موقعي تي قازخستان جي سفير پاڪستان ۾ ڊسپلي سينٽرز ج?? قيام ۾ گهري دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو ۽ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. اجلاس ۾ ٽيڪسٽائل، سرجيڪل اوزارن، اسپورٽس گڊز، هينڊي ڪرافٽ، ليدر مصنوعات ۽ـ زرعي اوزار شوڪيس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وفاقي وزير چيو ته ??اڪستان قازخستان سان هڪ سال ۾ پنهنجي روانگي واپار ۾ 20 سيڪڙو اضافي ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ٻين وچ ايشيائي ملڪن سان به گڏيل ڪاروباري حڪمت عملي اختيار ڪنداسين. هن چيو ته ??ر ملڪ ۾ گهرج مطابق اُتي جي ڊسپلي سينٽرز لاءِ پاليسي جوڙينداسين. قازخستان جي سفير وفاقي وزير عبدالعليم خان سان ٻه طرفي سهڪار ۾ گهري دلچسپي وٺڻ تي ٿورو مڃيو.
وفاقي وزير عبدالعليم خان جي صدارت هيٺ اجلاس
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا