تهران-16 جنوري (اي پي پي) ايران عراق ۾ اسرائيل ج?? جاسوسي هيڊ ڪوارٽر کي بيلسٽڪ ميزائلن سان نشانو بڻايو آهي. رائٽرز مطابق ايران جي سرڪاري ميڊيا جي حوالي سان رپورٽ ڪيو ويو آهي ته ايراني پاسداران انقلاب فورس عراق جي نيم خودمختار علائقي ڪردستان ۾ اربيل ۾ اسرائيل ج?? جاسوسي هيڊ ڪوارٽر تي حملو ڪيو آهي. پاسداران انقلاب هڪ بيان ۾ اسرائيل ج?? جاسوسي ايجنسي موساد جو نالو کڻي چيو آهي ته جاسوسي جي مرڪزن ۽ خطي ۾ ايران مخالف دهشتگرد گروهن کي اجتماعن کي تباهه ڪرڻ لاءِ بيلسٽڪ ميزائلن جو استعمال ڪيو آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اربيل ج?? اتر اوڀر ۾ آم??يڪي قونصل خاني ويجهو هڪ رهائشي علائقي ۾ انهن حملن کان علاوه ايران ۾ دهشتگرد ڪارروايون ڪندڙ فردن جن ۾ داعش جا ڪارڪن به شامل آهن، خلاف حملا شروع ڪيا آهن. هوڏانهن آم??يڪا جي ??ن عهديدارن رائٽرز کي ٻُڌايو آهي ته ميزائل حملن سبب آم??يڪي ٺڪاڻن متاثر ناهن ٿيا. ايران آم??يڪا تي الزام لڳايو آهي ته هو غزه ۾ اسرائيل ج?? ڏوهن جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي.
ايران جي پاسداران انقلاب طرفان ڪردستان ۾ اسرائيل جي جاسوسي هيڊ ڪوارٽر تي بيلسٽڪ ميزائلن سان حملو
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج