برلن، جنيوا -18 ما??چ (اي پي پي) سڄي دنيا ۾ فلسطين جي حق ۾ مظاهرا ڪيا ويا آهن. ٽي آر ٽي مطابق سوئٽزرلينڊ جي شهر جني??ا ۾ هزارين ماڻهن فلسطين سان يڪجهتي لاءِ ما??چ ڪيو. 7 آڪٽوبر کان غزه ۾ اسرائيل طرفان ڪيل حملن خلاف شهر جي پارڪ ڊيس ڪروپيٽس اسڪوائر تي هزارين ماڻهو گڏ ٿيا. مظاهرين انگريزي، فرا??سي??ي ۽ عربي ۾ فلسطين جي حمايت ۽ اسرائيل خلاف رد عمل جا نعرا لڳايا. مظاهرين فلسطين خلاف اسرائيل جي نسل ڪشي تي رد عمل جو اظهار ڪيو ۽ غزه م ڏڪار ۽ خاص طور تي بک سبب ٻارن جي فوتگي?? تي ردعمل جو اظهار ڪيو. اهڙي ريت جرمني جي گادي واري هنڌ برلن ۾ پڻ فلسطين جي حمايت ۾ مظاهرو ڪيو ويو. مختلف فلسطيني گروپن جي انتظام هيٺ ”فلسطين سان يڪجهتي جو مظاهرو“ جي دائريڪار ۾ ڪيترائي ماڻهو نيوڪلن ضولع ۾ سوتيلي ٽرين اسٽيشن ويجهو واري علائقي ۾ گڏ ٿيا. جنهن کان پوءِ مظاهرين فلسطيني جهنڊو کڻي حرمين اسڪوائر ڏانهن ما??چ ڪيو. غزه تي اسرائيل جي حملي خلاف احتجاج ڪندڙ مظاهرين ”غزه ۾ نسل ڪشي بند ڪيو“، ”بيت المقدس فلسطين جو گادي وارو هنڌ آهي“، هاڻي جنگ بندي ۽ فلسطين جي آزادي جا نعرا هنيا.
سڄي دنيا ۾ فلسطين جي حق ۾ مظاهرا
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو