نيويارڪ – 22 سيپٽمبر (??ي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گيٽريز سان هتي ٿيندڙ ملاقا?? ۾ ??ندس آڏو ڪشمير مسئلو کنيو ۽ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي ٻڌل دستاويزي ثبوت سندس حوالي ڪيا. وزيراعظ?? گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري تي زور ڏنو ته هو ڪشمير تي خاص نمائندو مقرر ڪري. هن چيو ته اهو لازمي آهي ڇو ته ڀارت ڪنهن به قسم جي ڳالهين جا سمورا دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن. وزيراعظ?? گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران فائربندي جي خلاف ورزين بابت پڻ آگاهه ڪيو. هن چيو ته رڳو هلن??ڙ سال دوران 600 جي لڳ ڀڳ خلاف ورزيون ڪيون ويون. وزيراعظم سيڪريٽري جنرل کي ٻڌايو ته رڳو اڄ جي ڏينهن ڀار??ي فورسز جي فائرنگ سان ايل او سي تي چار شهري شهيد ٿيا
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی