تهران – 22 اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران سيڪيورٽي تعاون وڌائڻ ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل سرحد جي تحفظ جي لاءِ جوائنٽ ريپڊ ري ايڪشن فورس ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ٻنهي ملڪن جي قيادت ٻطرفي واپار ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان اير??ن جي صدر حسن روحاني سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چ??و ته ٻئي ملڪ پنهنجي سرزمين تي دهشتگرد سرگرمين جي اجازت نه ڏي??دا ۽ ٻنهي ملڪن جا سيڪيورٽي چ??فس تعاون جا رستا ڳولڻ لاءِ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا.
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará