اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ??هي ته هندستان جي قدمن خلاف سلامتي ڪائونسل وڃڻ جو فيصلو ڪيو ??هي، هندستان سڄي دنيا جو ڌيان ڪشمير تان هٽائڻ لاءِ ”پلواما ٽو“ طرز جو نئون ڊرامو رچائي سگهي ٿو، هندستان شمله معاهدي جي روح تي حملو ڪيو ??هي جنهن ۾ ڪشمير مسئلي کي متازعه تسليم ڪيو ويو هو، هاڻي سڀني قانوني رُخن جو جائزو وٺنداسين، فيصلو ڪيو ويو ??هي ??ه سمجهوتا ايڪسپريس پڻ نه هلندي، صورتحال تي چين سان مشاورت ضروري آهي، ان سلسلي ۾ جلد بيجنگ ويندس. جواهر لال نهرو پڻ چيو هو ته ڪشمير جو فيصلو ڪشميري عوام ڪندي، قومي سلامتي ڪميٽي جي فيصلن سان افغان واپار متاثر نه ٿيندو، ڀارت سڄي والاريل ڪشمير کي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ??هي، ڀارت ڪيستائين 40 لک ڪشميرين کي قيد رکندو. پرڏيهي وزارت ۾ والاريل ڪشمير جي صورتحال جي حو??لي سان پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير چيو ??ه منهنجي يورپي يونين جي اعليٰ نمائندن سان پرڏيهي معاملن بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.
ڀارت جي قدمن خلاف سلامتي ڪائونسل وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹرائزڈ لاٹری