اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وا??ي وفاقي وزير فواد حسين چوڌري چيو آهي ته صحافت جي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي کي فروغ ڏيڻ ضرورت آهي، ??مورن صوبائي اسيمبلين کي يوٽيوب چئلنز شروع ڪرڻ گهرجن، پرنٽ ميڊيا کي ڪيترائي چئلينج درپيش آهن، عوام جي خوشحالي لاءِ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ضروري آهي، نيب حڪو??ت جي انتظام هيٺ ناهي، پنجاب حڪومت نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ جي جاچ ڪندي، ??طلاعات وا??ي وزارت جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي ڏسي خوشي ٿي، ميڊيا ٽريننگ ورڪشاپ ۽ ان کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته اطلاعات وا??ي وزارت جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي ڏسي خوشي ٿي،جن ستن نڪتن تي مون ڪم ڪيو هو هاڻي به اهي هلي رهيا آهن، هن تجويز پيش ڪئي ته صوبائي اسيمبلين کي يوٽيوب چئنلز شروع ڪرڻ گهرجن، عوام اسيمبلين جي ??ار??وائي ۽ قانونسازن جي ڪارڪردگي ڏسي سگهندي، هن چيو ته اسان جمهوريت سان فاشزم جو رستو روڪڻو آهي ته ان ۾ صحافين جو ڪردار اهم آهي.
صحافت جي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي کي فروغ ڏيڻ ضرورت آهي: فواد چوڌري
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب