اسلام آباد – 09 سيپٽ??بر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته پاڪستان اسل??م جو هڪ مضبوط قلعو آهي ۽ جاگرافيائي بيهڪ جي ڪري اسلامي دنيا ۾ هڪ اهم مقام رکي ٿو، پاڪستاني نوجوانن کي الله تعاليٰ بي پناهه صلاحيتن سان نوازيو آهي ۽ هو ملڪ جي تقدير کي بدلائڻ جي ڀرپور صلاحيت رکن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلامي ??ونيورسٽي اسلام آباد ۾” پاڪستان۾ هڪ پرامن ۽ جامع معاشرو، چئلينجز ۽ موقعا“ جي عنوان سان منعقد ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس جي پڄاڻي واري اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پاڪستاني قوم بردبار، روادار ۽ پرامن قوم آهي ۽ مشڪل وقت ۾ پاڪستاني عو??م جهڙي طرح هڪٻئي جي مدد ڪندي آهي اها واکاڻ جوڳي آه??، هن چيو ته ڪووڊ -19 جي وبا جي دوران پاڪستاني عو??م جنهن حوصل??، همت ۽ صبر سان ان وبا جو مقابلو ڪيو اهو دنيا جي لاء?? هڪ مثال آه??، هن چيو ته پائيدار ترقي جي لاءِ امن جو قيام ضروري آه??، هن چيو ته دنيا ۾ امن ۽ برداشت جي پيغام کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ تعليمي ۽ تحقيقي ادارن جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي.
پاڪستان اسلام جو هڪ مضبوط قلعو آهي: قاسم خان سوري
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان