اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڄ سياحت جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪستان پوري دنيا سان گڏجي سياحت جو عالمي ڏهاڙو ملهائي رهيو آهي جيڪو خوشي ??وڳو آهي. هلندڙ سال سياحت جي عالمي ڏهاڙي جو موضوع سياحت ۽ ڳ??ٺاڻي ترقي چونڊيو ويو آهي. هر سال گڏيل قومن جي عالمي سياحت جي اداري (يو اين ڊبليو ٽي او) جي اهتمام هيٺ اهو ڏينهن ملهايو وڃي ٿو جنهن جو مقصد معاشري، ثقافت ۽ ڪنهن به ملڪ جي معاشي ??رقي تي سياحت جي اثرن جي حوالي سان عالمي برادري ۾ آگاهي ۽ شعور اجاگر ڪرڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان جهڙن ملڪن جي وڌيڪ آبادي ڳوٺاڻن علائقن ۾ رهي ٿي ۽ هلندڙ سال سياحت ۽ ڳ??ٺاڻي ترقي جي موضوع تي ملهائجندڙ عالمي ڏهاڙي جي مناسب سان سياحت سماجي ۽ معاشي ??رقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد