اسلام آباد – 02 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت اظهار جي آزادي جي بنيادي آئيني حق تي ڪامل يقين رکي ٿي، ميڊيا صنعت جي ترقي ۽ فروغ لاءِ سڀئي ممڪن سهولتن جي فراهمي جاري رکنداسين. پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ميان عامر مح??ود کي چيئرمين، سلمان اقبال ۽ مير ابراهيم کي وائيس چيئرمين، شڪيل مسعود سيڪرِيٽري جنرل، احمد زبيري کي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ مح??د اطهر کي فنانس سيڪريٽري چونڊجڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي.
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2