اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاناما پيپرز دنيا جي وڏن ڪرپٽ ماڻهن جي ٻاهرئين ملڪ لڪايل اثاثن کي بي نقاب ڪيو، هاڻي چيو ??يو وڃي ته آئي سي آئي جي جي هڪ ٻي تحقيق سامهون اچ?? رهي آهي، عمران خان امير ملڪن تي زور ڏنو آهي ته غريب ملڪن مان چوري ڪيل پئسو امير ملڪن ۾ لڪائڻ جي حوصلا شڪني ٿيڻ گهرجي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاناما وانگر پنڊورا ليڪس ۾ غريب ملڪن جو پئسو ٻاهرئين ملڪ منتقل ڪرڻ جا تفصيل اچن ٿا ته ان سان وزيراعظم عمران خان جي موقف کي وڌيڪ سگهه م??ند??. هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته اها تحقيقات به پاناما تحقيقات وانگر شفافيت جا نوان رستا کوليندي ۽ ڪرپشن جي حوصلا شڪني جو هڪ ٻيو ذريعو بڻجندي.
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون