اسلام آباد -03 جنوري (اي پي پي) چيف جسٽس گلزار احمد سان ڪرڪ ۾ تيري مندر جي دوري تي آيل مختلف ملڪن جي هندو ياترين جي ??فد هتي سپريم ڪورٽ ۾ ملاقات ڪئي. عدالت سڳوري پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق چيف جسٽس هندو ياترين جي ??فد جي آجيان ڪئي. ??فد سان ڳالهائيندي چيف جسٽس چيو ته پاڪستان ۾ مذهبي برداشت آهي، ??اڪستان ۾ هر شهري کي مڪمل مذهبي آز??دي حاصل آهي، ??اڪستان جون عدالتون بني??دي حقن جون محافظ آهن. پاڪستان جي عدالتن هميشه پاڪستان جي آئين تحت اقليتي برادري جي حقن جو تحفظ ڪيو آهي. ان موقعي تي پاڪستان هندو ڪائونسل جو چيئرمين ڊاڪٽر رميش ڪمار به موجود هو جنهن چيف جسٽس گلزار احمد کي ??فد جي باري ۾ ٻڌايو. ڊاڪٽر رميش ڪمار ڪرڪ ۾ تيري مندر جي بحالي لاءِ چيف جسٽس گلزار احمد جي قدمن جي به واکاڻ ڪئي. ??فد ملاقات لاءِ وقت ڏيڻ تي چيف جسٽس جا ٿورا مڃيا.
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا