اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي حاضر دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ آءِ ٽي جي صنعت جي ترقي ۽ نوجوانن کي تربيت يافته بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ ترقي جا وسيع امڪان موجود آهن.
اهڙن خيالن ج?? اظهار هن ايوان صدر ۾ هواوي مقابلن ج?? پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجاي واري وفاقي سيڪريٽري ڊاڪٽر سهيل راجپوت، هواوي جي وچ اوڀر خطي جي نائب صدر وانگ شان لي ۽ آءِ ٽي جي شعبي سان لاڳاپيل ماهرن شر??ت ڪئي. صدر چي?? ته اسان کي ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي جو فرق ختم ڪرڻو آهي، پاڪستان کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سائبر سيڪيورٽي ماهرن کي تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چي?? ته انٽرنيٽ ۽ ايميزون ج?? ذريعي گهر کان ئي ڪاروبار ڪري سگهجي ٿو. صدر چي?? ته ملڪ ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ ترقي جا وسيع امڪان موجود آهن، پاڪستان هڪ خاموش انقلاب مان گذري رهيو آهي، خواهش آهي ته نوجوانن لاءِ موقعا پيدا ڪيا وڃن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته پاڪستان ڊجيٽل ٽرانسفارميشن طرف وڃي رهيو آهي، لينڊ رڪارڊ کي ڪمپيوٽرائزڊ ڪري رهيا آهيون ته جئين ڪرپشن ج?? خاتمو ٿي سگهي.
صدر تقريب ۾ شر??ت ڪندڙن کي باعث اعزاز قرار ڏيندي چي?? ته پاڪستان ج?? ٽيم هواوي مقابلن ۾ پهرين ۽ ٻي پوزيشن حاصل ڪئي آهي جنهن تي هو مبارڪباد جي مستحق آهي. صدر چي?? ته اسان جا شاگرد باصلاحيت آهن ۽ هواوي جهڙيون وڏيون ڪمپنيون انهن ج?? صلاحيت کي سامهون آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته 2030ع تائين دنيا کي آءِ ٽي جي هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماهرن ج?? ضرورت هوندي، پاڪستان کي پنهنجي نوجوان آبادي مان فائدو کڻندي کين انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تربيت ڏئي هنرمند بڻائڻ گهرجي ۽ ملڪ کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ اڳتي وڌڻو پوندو. هن چي?? ته اسان آءِ تي جي شعبي ۾ ترقي جي رفتار وڌائڻ جا خواهشمند آهيون، ان م??صد لاءِ يونيورسٽين ۾ ورچوئل شاگردن ج?? تعداد وڌايو ويندو. صدر ان ڳالهه تي زور ڏن?? ته جديد گهرجن موجب ٽيڪنالاجي جي تعليم سان نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. انفارميشن ٽيڪنالاجي واري سيڪريٽري ڊاڪٽر سهيل راجپوت تقريب جي انعقاد تي هواوي کي مبارڪباد ڏيندي چي?? ته پاڪستان ج?? ٽيم وچ اوڀر خطي ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، نوجوان پاڪستان ج?? مستقبل آهن ج??هن کي تعليم يافته ۽ هنر مند بڻائڻ جي ضرورت آهي،
هن چي?? ته ايندڙ سالن ۾ آءِ ٽي جي برآمدات وڌائينداسين ۽ صدر جي رهنمائي ۾ آءِ ٽي جي شعبي جي صنعت ۾ هدفن کي حاصل ڪنداسين. تقريب کي هوا وي جي وچ اوڀر خطي جي نائب صدر به خطاب ڪيو. هن چي?? ته 450 يونيورسٽين ج?? 15 هزار شاگردن هواوي آءِ سي ٽي مقابلي 2021ع ۾ شر??ت ڪئي جنهن مان پاڪستان ج?? ٽيم بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ۽ پنهنجي صلاحيت مڃرائي. صدر تقريب ۾ پاڪستان ج?? ڪامياب ٿيندڙ ٽيم کي هواوي پاران 20 هزار ڊالر جو چيڪ به ڏنو.