اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي عهدو سنڀالڻ تي قطر جي امير شيخ تميم بن خليفه آل ثاني ۽ نائب امير شيخ عبدالله بن حمد مبارڪباد ڏني آهي ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهش?? جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران اجري بيان موجب قطر جي امير ۽ نائب امير جي مبارڪباد جي پيغام جي جواب ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته قطر ۽ پاڪستان ڀائر ملڪ آهن ۽ ڀائيچاري ۽ اسلامي ڀائيچاري جي عظيم رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. وزيراعظم چيو ته قطر ۾ وڏي انگ ۾ پاڪستاني رهن ٿا ۽ اهي قطر کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهن ٿا. وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته قطر جي امير شيخ تميم بن حمد پاڪستان جي هر مشڪل ۽ ڏکئي وقت ۾ ذاتي د??چسپي وٺندي مدد ڪئي آهي جنهن جي اسان تمام گهڻي قدر ڪريون ٿا. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته مستقبل ۾ پاڪستان ۽ قطر جي لاڳاپن کي نئين بلندين ۽ ويجهڙائپ تائين پهچائينداسين. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته قطر سستي ترين ايل اين جي فراهم ڪري پاڪستان کي روشن بڻائڻ ۾ نا??اب?? فراموش مدد ڪئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف قطر جي امير ۽ نائب امير پاران مبارڪباد واري پيغام تي نيڪ خواهشن ۽ ٿور?? جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف کي قطر جي امير ۽ نائب امير پاران مبارڪُون
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ