اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي زندگي جي مختلف شعبن ۾ صنفي تعصب کي ختم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسان کي شموليت ۽ اضافي جو هڪ اهڙو ڪلچر ٺاهڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ عورتن کي ترقي جا موقعا حاصل ٿين ۽ اهي پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۾ مڪمل حصو وجهي سگهن. عورت?? جي عالمي ڏينه?? جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته هي ڏينهن اسان کي سڄي دنيا ۾ عورت?? جي خدمتن ۽ ڪاميابين کي ساراهڻ ۽ انهن چئلينجن تي غور ڪرڻ جو موقعو فراهمڪري ٿو جن سان صنفي برابري حاصل ڪرڻ جي لاءِ اڃا به منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته هڪ اهم شعبو جيڪو اسا?? جي ڌيان جو گهرجائو آهي، اهو صنفي برابري کي ??روغ ڏيڻ ۾ ٽيڪنالاجي ۽ اختراع جو ڪردار آهي. ڊيجيٽل تفريق عورت?? جي ٽيڪنالاجي، تعليم ۽ ملازمت جي موقعن تائين پهچ کي ??تاثر ڪري ٿي جنهن سان انهن جا معاشي ۽ سماجي اختيار محدود ٿين ٿا. اسان کي ??يڪنالاجي ۾ صنفي فرق کي ختم ڪرڻ جي لاءِ جرئتمنداڻي قدم?? جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ تازن سالن ۾ نمايان اڳڀرائي جي باوجود ٽيڪ انڊسٽري ۾ عورت?? جي شموليت ۽ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز تائين انه?? جي پهچ گهٽ آهي. ڪوو??ڊ 19 دوران پاڪستان ۾ عورتن پاران ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز کي اختيار ڪرڻ جي رجحان ۾ اضافو ڏٺو ويو. وڌيڪ اهو ته عورتون هاڻي تعليم، ڪاروبار ۽ سوشلائيزيس?? جي لاءِ آن لائين پليٽ فارم استعمال ڪري رهيون آهن. اهو پاڪستان ۾ عورت?? جي وڌندڙ رجحا?? جي نشاندهي ڪري ٿو جيڪو ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻندي پري کان ڪم ڪرڻ ۽ ڊيجيٽل پليٽ فارمز تي روزگار جا موقعا ڳولي رهيون آهن. جيتوڻيڪ اهو ڪافي حوصلي جوڳو آهي، اسان کي اڃا به ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز ۽ پليٽ فارمز تائين انه?? جي پهچ کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪم ڳولڻ جي لاءِ ڊيجيٽل پليٽ فارمز جو استعمال ڪندي عورتون انهن ڪيترين ئي رڪ??وٽ?? تي ضابطو آڻي سگهن ٿيون جن جو انهن کي روايتي صنعتن ۾ منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، ا?? جي نتيجي ۾ عورتن کي افرادي قوت جو حصو بڻجڻ ۽ معيشت ۾ حصو وجهڻ جا وڌيڪ موقعا فراهم ڪري پاڪستان ۾ صنفي برابري ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۾ مدد ملي ٿي. خاتون اول چيو ته اسان کي ڊيجيٽل وسيلن تائين پهچ وڌائن، ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعليم ۽ تربيت فراهم ڪرڻ ۽ اهڙي سازگار ماحول جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪو عورتن کي ??يڪنالاجي سان لاڳاپيل شعبن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهي. هن چيو ته اسان کي ??يڪ ۽ زندگي جي ٻين شعبن ۾ صنفي تعصب کي ختم ڪرڻ گهرجي جيڪو عورت?? جي شموليت جي راهه ۾ رڪاوٽ آهي ۽ انه?? جي ترقي جا موقعا محدود ڪري ٿو. اسان کي شموليت ۽ واڌ جو هڪ اهڙو ڪلچر ٺاهڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ عورتون ترقي ڪري سگهن ۽ پنهنجي پوري صلاحيتن کي حاصل ڪري سگهن. اچو اسان وچن ڪريون ته ٽيڪنالاجي سميت زندگي جي سمورن شعبن ۾ صنفي برابري جي لاءِ ڪم ڪنداسين. گڏجي هڪ اهڙو مستقبل بڻائي سگهون ٿا جتي عورتن کي ??وقعن تائين برابر پهچ حاصل هجي ۽ اهي معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۾ مڪمل حصو وجهي سگهن.
زندگي جي مختلف شعبن ۾ صنفي تعصب کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي: بيگم ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا