اسلام آباد – 04– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسيءَ تي هڪ ڀيرو ٻيهر عدل ۽ انصاف جو قتل ٿيو آهي. قومي اس??مب??ي ۾ ڳالهائيندي وزيراعظ?? چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي قتل تي صدارتي ريفرنس تي عمل ٿيڻ گ??رج?? ۽ فل ڪورٽ کي ويهي اهو فيصلو ڪرڻ گ??رج??. وزيراعظ?? چيو ته شهيد ڀٽو جي حوال?? سان پوري دنيا کي خبر آهي ته اهو هڪ عدالتي قتل هو، فيصلو ڪندڙن ۾ هڪ جج بعد ۾ پنهنجي ياداشتن ۾ به ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو هو. وزيراعظ?? چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو آئين جي بانين مان هو ۽ اها ملڪ جي تاريخي خدمت هئي جنهن کي ياد رکيو ويندو. وزيراعظ?? چيو ته هي ڪهڙو تاريخ جو جبر آهي جو اڄ 4 اپريل آهي ۽ شهيد ڀٽو جو جوڊيشل مرڊر انهي تاريخ تي ٿيو. وزيراعظ?? چيو ته اڄ ئي اليڪشن جي حوال?? سان هڪ ڀيرو ٻيهر 4 اپريل تي عدل ۽ انصاف جو قتل ٿيو آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي.
ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسيءَ تي هڪ ڀيرو ٻيهر عدل ۽ انصاف جو قتل ٿيو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا