اسلام آباد-20 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) چيو آهي ته اقتصادي سڌارن ۽ ايڊجسٽمينٽ جي پروگرام تي س??تي س??ن عمل ٿيڻ جي صورت ۾ ملڪ آهستي آهستي ڪلي معيشت جي استحڪام ۽ بحالي جي رستي تي گامزن رهي سگهي ٿو، بئنڪ هلندڙ مالي س??ل جي پڄاڻي تي معيشت جي اوسر جي شرح 1.9 سيڪڙو تائين رهڻ جڏ??ن ته مهانگائي جي شرح 29.2 سيڪڙو کان گهٽجي 25 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چئي وئي آهي، ايشين ڊولپمنيٽ آئوٽ لڪ جي نالي س??ن جاري ٿيل ان رپورٽ ۾ هلندڙ مالي س??ل جي پڄاڻي تائين مجموعي قومي پيداوار جي شرح 1.9 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، گذريل سال اقتصادي اوسر جي شرح 0.3 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي تنهن هوندي به رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عالمي اقتصادي س??تي سميت ڪيترائي اهڙا عمل آهن جن سان خطرا موجود آهن. پاڪستان ۾ عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حساين ٻڌايو ته پاڪستان جي اقتصادي اوسر ۽ ڪلي معيشت جي استحڪام ثابت قدمي س??ن اقتصادي سڌارن ۽ ايڊجسٽمينٽ جي پاليسين تي عمل ڪرڻ جي ۾ لڪل آهي، هن ٻڌايو ته اقتصادي سڌارن جو سلسلو جاري رکڻ سان اقتصادي ۽ مالياتي استحڪام حاصل ڪري سگهجي ٿو. ان لاءِ سختت مالياتي نظم ۽ ضبط، مارڪيٽ جي حرڪت تي ٻڌل ايڪسچينج ريٽ ۽ توانائي جي شعبي ۾ سڌارن جو سلسلو جاري رکڻو پوندو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان جي معيشت کي گذريل سال آيل بدترين ٻوڏ ۽ سياسي عدم استحڪام جي ڪري مشڪلاتون آڏو رهيون جنهن سان واڌ متاثر ٿي جڏ??ن ته ناڻي واڌ ۾ اضافو ٿيو، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته اقتصادي سڌارن جي پروگرام ۽ سال 2024ع ۾ عام چونڊن ??ان اعتماد ۾ اضافو ٿيندو جڏ??ن ته سيڙپڪاري به وڌندي. رپورٽ ۾ حڪومت طرفان زراعت سميت مختلف شعبن لاءِ مراعتن جو به احاطو ڪيو ويو آهي ۽ ٻڌايو ويو ته ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ مفت ٻج، آسان قرض ۽ ڀاڻ جي فر??همي زراعت جي شعبي ۾ بحالي متوقع آهي ۽ ان سان صنع??ن کي به فائدو ٿيندو.
پاڪستان ۾ معيشت جي اوسر جي شرح 1.9 سيڪڙو، مهانگائي جي شرح گهٽجي 25 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي: ايشيائي ترقياتي بئنڪ
مضمون کا ماخذ : نتیجہ یہ ہے کہ