راولپنڊي-28 ڊسمبر (اي پي پي)ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس فيصلو ڪيو آهي ته پ??ڪ فو?? ايندڙ عام چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن کي گهربل ۽ ضروري تعاون فراهم ڪندي، فورم دهشتگرد گروپن جي پاڙيسري ملڪن ۾ محفوظ پناهگاهن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، فورم پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي دشمن قوتن جي اشاري تي ڪم ڪندڙن ۽ انهن جي حوصلا افزائي ڪندڙ عنصرن خلاف طاقت سان منهن ڏيڻ جو ورجاءُ ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ ٻن ڏينهن واري 261 هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ منعقد ٿي. ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن هٿياربند فوج جي آفيسرن، جوانن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ شهرين س??يت شهيدن جي عظيم قربانين کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو، شرڪت ڪندڙن پاڪستان جي شهيدن س??يت ڊيره اسماعيل خان حملي جي شهيدن جي ايصال ثواب لاءِ پڻ فاتحه خواني ڪئي. فورم سڌي ۽ اڻ سڌي خطرن خلاف پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سال??يت جي دفاع لاءِ پاڪ فوج جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، فورم والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي انساني حقن جي خلاف ورزين تي ڳڻتي جو اظهار پڻ ڪيو. شرڪت ڪندڙن ڀارتي فوج طرفان معصوم شهرين جي اغوا، تشدد ۽ قتل جي ڪاررواين جي مذمت ڪئي. ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن چيو ته ڀارتي فوج جون ڪارروايون انس??ني?? خلاف سنگين ڏوهه آهن، ڀارتي حربا بهادر ڪشميرين جي جائز حق خودمختياري واري حق جي جذبي کي دٻائي نٿا سگهن. پاڪستان عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ سفارتي حمايت جاري رکندو. فورم کي خطي جي صورتحال، قومي سلامتي جي وڌندڙ خطرن تي جوابي حڪمت عملي بابت به بريفنگ ڏني وئي، شرڪت ڪندڙن ڪالعدم ٽي ٽي پي ۽ ٻين دهشتگرد گروپن جي پاڙيسري ملڪن ۾ محفوظ پناهگاهن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. افغانستان ۾ دهشتگردن کي جديد هٿيارن جي دستيابي کي پاڪستان جي سيڪيورٽي لاءِ خطرو قرار ڏنو. شرڪت ڪندڙن چيو ته پ??ڪستان کي غير مستحڪم ڪندڙ دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن سان رياست مڪمل طاقت سان منهن ڏيندي، فورم فلسطيني عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو، فورم غزه ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ جنگي ڏوهن جي مذمت ڪئي، فورم غزه ۾ فوري جنگ بندي ۽ جاري تڪرار جي پرامن حل جو مطالبو ڪيو. فورم اسمگلنگ، مني لانڊرنگ، بجلي چوري ۽ ٻين غير قانوني سرگرمين خلاف جاري ڪاررواين جو به جائزو ورتو. فورم چيو ته پ??ڪ فوج اهڙن ڏوهن جي روڪٿام لاءِ لاڳاپيل سرڪاري ادارن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هر طرح جي مدد فراهم ڪندي رهندي. فورم جي شرڪت ڪندڙن چيو ته پ??ڪ فو?? ايندڙ عام چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن کي گهربل ۽ ضروري تعاون فراهم ڪندي. آرمي چيف آپريشنز دوران پيشيوراڻي مهارت جي معيار کي برقرار رکڻ، ذهني ۽ جسماني شعبن ۾ فارميشنز جي تربيت دوران بهترين ڪارڪردگي حاصل ڪرڻ تي زور ڀريو.
پاڪ فوج ايندڙ عام چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن کي گهربل ۽ ضروري تعاون فراهم ڪندي: ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II