اسلام آب??د- 10 فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته عا?? چونڊون 2024ع جي نتيجن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته چونڊون مجموعي آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون ٿيون آهن، اسان پاڪستان جي معاشي استحڪام ۽ نئين حڪومت جي ڪاميابي لاءِ دعاڳو آهيون، مواصلات جي بندش صرف دهشتگردي جي واقعن جي روڪٿام لاءِ هئي، ان قدم جو ڪو ٻيو سياسي مقصد نه هو. ٽي آر ٽي کي ڏنل انٽرويو ۾ نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اقتدار سونپڻ جو اختيار پارليامينٽ جو آهي، اتي جيڪو به گهربل نمبر پورو ڪندو اقتدار اهو ئي سنڀاليندو. چونڊن لاءِ پولنگ واري ڏينهن انٽرنيٽ ۽ مواصلاتي بندش جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عا?? چونڊن کان صرف هڪ ڏينهن اڳ بلوچستان ۾ دهشتگرد حملا ٿيا جنهن جو مقصد جمهوري ??مل کي متاثر ڪرڻ هو، سيڪيورٽي ادارن طرفان به اهڙا اطلاع هئا ته هي سلسلو صرف ٻن صوبن تائين محدود نه رهندو، اسان جو ڪم عوام کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ هو. اسان پنهنجي عوام جي جانين کي خطري ۾ نٿي وجهي سگهيا??ين?? مواصلاتي بندش جو مقصد دهشتگردن کي انهن جي مڪروه مقصدن کان پري ??کڻ هو. ان جو مقصد ڪنهن به قسم جي سياسي مداخلت نه هئي. هن قدم سان عوام کي پرامن طور پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ جو ڀرپور موقعو ميسر آيو ۽ ان بنا خوف ۽ خطري ??ي آزاداڻي ماحول ۾ پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو. پاڪستان جو عوام بهادر ۽ پُرعزم آهي، هن چيو ته وڌل ووٽن جي حتمي انگن جي باري ۾ ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ آهي، تنهن هوندي به ماڻهن جو وڏو انگ ووٽ وجهڻ ٻاهر نڪتو. مون کي خوشي ٿيندي ته جيڪڏهن هي ٽرن آئوٽ 40 کان 50 سيڪڙو پهچي ٿو. هن چيو ته نتيجن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته عا?? چونڊون مجموعي چونڊون آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون ٿيون آهن. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته 2002ع کانپوءِ سياسي ۽ جمهوري ??ور جيڪا تبديلي آئي اها پارليامينٽ مان ئي آئي، عمران خان خلاف بي اعتمادي جي رٿ به فلور آف دي هائوس مان ٿي. اهڙي جمهوري ??رگرمين کي ڪنهن مداخلت سان جوڙي نٿو سگهجي، هي جمهوري ??مل جو حصو آهي ان تي تنقيد صحيح نه آهي.
مواصلات جي بندش صرف دهشتگردي جي واقعن جي روڪٿام لاءِ هئي، جيڪو به گهربل نمبر پورو ڪندو اقتدار اهو ئي سنڀاليندو: نگران وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز