بيجنگ -10مارچ (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ پا??ستان جي نئين چونڊيل صدر آصف علي زرداري جي نالي تي پنهنجي پيغام ۾ کيس پا??ستان جو صدر چو??ڊج?? تي مبارڪون ڏنيون. چيني ميڊيا موجب پنهنجي پيغام ۾ شي جن پنگ چيو ته چين ۽ پا??ستان سٺ?? پاڙيسري، سٺا دوست، سٺا شراڪتدار ۽ سٺا ڀائر آهن. ٻنهي ملڪن وچ ۾ لوهي دوستي هڪ تاريخي چونڊ ۽ ٻنهي عوام جي قيمتي دولت آهي. هن چيو ته هاڻوڪن سالن ۾ ٻنهي ملڪن اعليٰ سطحي جي ويجهي مٽاسٽا کي برقرار رکيو آ??ي. هڪ ٻئي جي بنيادي مفادن ۽ اهم خدشن بابت معاملن تي هڪ ٻئي جي حمايت ڪئي آهي. چين پا??ستان اقتصادي راهداري جي تعمير ۾ ڀرپور نتيجا حاصل ڪيا آهن. ٻه طرفن لاڳاپن ۾ اعليٰ سطح جي ترقي کي برقرار رکيو آ??ي. شي جن پنگ چيو ته هن وقت دنيا کي وڏيون تبديليون سامهون آهن ۽ چين پا??ستان لاڳاپن جي اسٽريٽجڪ اهميت وڌيڪ نمايان ٿ?? وئي آهي. هن چيو ته هو پا?? چين لاڳاپن جي ترقي کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو. هو چين ۽ پا??ستان وچ ۾ روائتي دوستي کي اڳتي وڌائڻ، مختلف شعبن ۾ عملي تعاون کي هٿي ڏيڻ، چين ۽ پا??ستان وچ ۾ سدابهار اسٽريٽجڪ کي ڪو آ??ريٽو پارٽنرشپ جي ترقي کي وڌ کان وڌ هٿي ڏيڻ ۽ نئين دور ۾ چين پا??ستان هم نصيب معاشري جي جوڙجڪ کي قيد ڪندي ٻنهي ملڪن جي عوام کي بهتر فائدا پهچائڻ لاءِ صدر زرداري سان گڏ ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي.
چيني صدر شي جن پنگ پاران آصف زرداري کي پاڪستان جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : loteria estadual