اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان آمريڪي پرڏيهي کاتي پاران انساني حقن جي حوالي سان تازو ئي جاري ڪيل 2023ع جي ڪنٽري رپورٽ کي مُڪمل طور تي رد ڪندي رپورٽ جي نقطن کي غيرمنصفاڻو، غلط معلومات تي ٻڌل ۽ زميني حقيقت جي ابتڙ قرار ڏنو آهي. پرڏيهي آ??يس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي پرڏيهي کاتي جي اهڙي قسم جي غيرمطلوب رپورٽس جي تياري جي سالياني مشقن ۾ معروضيت جي کوٽ آ??ي ۽ ان جي طريقيڪار ۾ فطري طور تي خاميون آهن. بيان موجب اهي رپورٽون ٻين ملڪن ۾ سياسي طور تي متعصباڻي انداز ۾ انساني حقن جو فيصلو ڪرڻ جي لاءِ ڊوميسٽڪ سوشل لينز جو استعمال ڪن ٿيون، هن سال جي رپورٽ ۾ معروضيت جي کوٽ ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي انساني حقن جي ايجنڊا کي سياسي بڻائڻ ن??اي??ن آهي، اهو واضح طور تي ٻٽي معيار کي ظاهر ڪري ٿو اهڙي طرح عالمي انساني حقن جي ڳالهه ٻولهه کي نقصان پهچائي ٿو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اها ڳالهه انتهائي ڳڻتي جوڳي آ??ي ته سڄي دنيا ۾ انساني حقن جي صورتحال کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ هڪ رپورٽ ۾ غزه ۽ ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي انتهائي اهم جاين کي نظرانداز يا گهٽ ڪيو ويو آهي. بيان موجب غزه جي ڳڻتي جوڳي صورتحال، انساني امداد کي هٿيار بڻائڻ ۽ 33 هزار کان وڌيڪ شهرين جي قتل عام کي رڳو سياسي طور تي محرڪ رپورٽ ئي نظرانداز ڪري سگهي ٿي، غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ تي آ??ريڪا جي خاموشي انساني حقن بابت نام نهاد ملڪ جي رپورٽن جي پٺيان بيان ڪيل م??صد?? جي خلاف آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان پنهنجي آئيني فريم ورڪ ۽ جمهوري اخلاقيات موجب پنهنجي انساني حقن جي فريم ورڪ کي مضبوط بڻائن، عالمي انساني حقن جي ايجنڊا کي فروغ ڏيڻ ۽ عالمي انساني حقن جي ڳالهه ٻولهه ۾ منصفاڻي ۽ معروضيت کي برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجي عزم تي ثابت قدم آهي، جيڪڏهن آمريڪا کي ان مشق ۾ شامل ٿيڻ ضروري آ??ي، ته اسان آمريڪي پرڏيهي کاتي کان اها اميد ڪريون ٿا ته هو ڏکين مسئلن جو جائزو وٺڻ وقت گهٽ ۾ گهٽ ڏاهپ کان ڪم وٺي، اهڙين رپورٽن کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ معروضيت، غيرجانبداري ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪري. پرڏيهي آ??يس پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته ان کي سمورين حالتن بابت سچ ڳالهائڻ جي لاءِ گهربل اخلاقي جرئت جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي انتهائي اهم جاين تي ظلمن جي خاتمي لاءِ عالمي ڪوششن جي ح??اي?? ۾ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
پاڪستان پاران آمريڪي پرڏيهي کاتي جي انساني حقن جي حوالي سان تازو ئي جاري ڪيل 2023ع جي ڪنٽري رپورٽ مُڪمل طور تي رد
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس