اسلام آباد-29 جون (اي پي پي)وزيراعظم ??حمد شهباز شريف فوري طور پاڪستان پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ (پي ڊبليو ڊي) کي ختم ڪرڻ جو عمل شرو ڪرڻ ۽ ان عمل دوران ملازمن جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پي ڊليو ڊي تحت جاري منصوبن کي لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي ادارن کان مڪمل ڪرايو ويندو، سرڪاري تعمير ۽ مرمت لاءِ عالمي معيار جي نجي ڪمپنين جو خ??متون ورتيون وينديون. ڪالهه وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ پاڪستان پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ کي ختم ڪرڻ ۽ ان جي متبادل حوالي سان اعليٰ سط??ي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد اورنگزيب، رياض حسين پيرزاده، احسن اقبال، احد چيمه، پلاننگ ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم کي پي ڊبليو ڊي کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان لائحه عمل ۽ ان جي متبادل جي حوالي سان ڪميٽي جون سفارشون پيش ڪيون ويون. اجلاس دوران وزيراعظم ??حمد شهباز شريف چيو ته فوري طور پي ڊبليو ڊي کي ختم ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو وڃي. وزيراعظم ??دايت ڪئي ته ختم ڪرڻ واري عمل دوران ملازمن جي مفادن جو تحفظ ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته پي ڊبليو ڊي تحت جاري منصوبن کي لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي ادارن کان مڪمل ڪرايو ويندو. سرڪاري تعمير ۽ مرمت لاءِ عالمي معيار جي نجي ڪمپنين جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته پي ڊبليو ڊي جي اثاثن جي انتظامن لاءِ هڪ ايسٽ مينيجمينٽ ڪمپني جوڙي ويندي، وزيراعظم ??دايت ڪئي ته پي ڊبليو ڊي جي اثاثن جي رڪارڊ کي مڪمل طور تي ڊجٽلائيز ڪيو وڃي، پاڪستان جون معاشي حالتون ملڪي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ادارن جو وڌيڪ بار برداشت ڪرڻ جي سگهه نٿيون رکن ان حوالي سان جاري عمل جي نگراني ۾ مان پاڻ ڪندس. اجلاس کي پي ڊبليو ڊي کي ختم ڪرڻ، جاري منصوبن تي عملدرآمد، پي ڊبليو ڊي جي متبادل ۽ تعمير ۽ مرمت لاءِ نجي ڪمپنين جي خدمتن جي حاصلات جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي ڊبليو ڊي تحت جاري منصوبن کي وفاقي ۽ صوبائي ادارن کان مڪمل ڪرايو ويندو. جڏهن ته پي ڊبليو ڊي کي ڪنهن به قسم جون نئون منصوبو نه ڏنو وڃي. تعمير ۽ مرمت جو ڪم عالمي معيار جي نجي ڪمپنين کي آئوٽ سورس ڪيو ويندو. اجلاس ۾ پي ڊبليو ڊي جي ملازمن جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم ان حوالي سان ملازمن جي مفادن جو تحفظ ڪندي هڪ قابل عمل ۽ جامع لائحه عمل جوڙڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ??اڳاپيل عملدارن کي جلد هن عمل کي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته هو هن عمل جي پاڻ نگراني ڪندو.
وزيراعظم پاران پاڪستان پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ کي ختم ڪرڻ جو عمل شروع ڪرڻ ۽ ان عمل دوران ملازمن جي مفادن جي تحفظ ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب