لاهور – 15 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي ن??مياري گلوڪار نصرت فتح علي خان جي 27 هين ورسي اڄ 16 آگسٽ جمعي تي ملهائي ويندي. ان سلسلي ۾ فلمي حلقن ۾ مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون جنهن ۾ نصرت فتح علي خان جي فني خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو. نصرت فتح علي خان 13 آڪٽوبر 1948 تي فيصل آباد ۾ جنم ورتو. سندس والد استاد فتح علي خان ۽ سندس چاچو استاد مبارڪ علي خان پنهنجي دور جا مشهور قوال هئا. نصرت فتح علي خان قوال طور دم مست قلندر مست مست وسيلي سڄي ملڪ ۾ وڏي شهرت ماڻي. هن قوالي جي صنف ۾ اولهه جو انداز متعارف ڪرايو جنهن کي س??ي دنيا ۾ ڀررپو?? پذيرائي ملي. نصرت فتح علي خان پاڪستان سميت س??ي دنيا ۾ پنهنجي گائيڪي سبب مشهور هو، سندس وفات سان گلوڪاري جي ميدان ۾ پيدا ٿيل خال سالن تائين ڀرجي نه سگ??ندو.
مضمون کا ماخذ : loteria estadual