ڪراچي-19 آگسٽ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ملڪ جي بندرگاهن جي موثر استعمال ۽ صلاحيت مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. اها ڳالهه سومر ڏينهن مقامي هوٽل ۾ لاجسٽڪس، ميري ٽائم افيئرز ۽ بليو اڪا??وم?? جي موضوع تي منعقد هڪ ڏينهن واري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته بندرگاهن جو موثر استعمال ??رڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ملڪي معيشت کي مستحڪم ??رڻ سان گڏوگڏ ملڪي روانگي واپار ۾ به اضافو ڪري سگهجي. وفاقي وزير چيو ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ (ڪي پي ٽي) ۽ پورٽ قاسم (پي ڪيو) ۾ وڌيڪ صلاحيت موجود آهي. هن چيو ته بندرگاهن جي گهرائي وڌائڻ لاءِ ڊريجنگ جي سهولت فراهم ??رڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ان سان اسان جي مٽا سٽا واري ناڻي جي بچت ٿيندي. وفاقي وزير چيو ته سمورن ڪارگو هي??ڊلنگ ڪي پي ٽي ۾ ??رڻ ۽ پوءِ هتان کان ننڍن جهازن ۾ ڪارگو گوادر ۽ پورٽ قاسم موڪلڻ جي تجويز قابل عمل آهي. ان کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته حڪومت سيڙپڪاري جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي ۽ سيڙپڪارن کي ان مان فائدو کڻڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان جون سموريون بندرگاهون فعال آهن ۽ ڪنهن به بندرگاه کي بند نه ڪيو پيو وڃي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هر ڪنهن کي ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو جنهن سان معيشت جو استحڪام ۽ ملڪ جي ترقي ۾ مدد ملندي.
بندرگاهن جي موثر استعمال ۽ معيشت کي مستحڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ روانگي واپار ۾ به اضافو ممڪن آهي: وفاقي وزير قيصر احمد شيخ
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری