اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته سامونڊي معاملن واري وزارت هلندڙ سال 90 ارب روپيا منافعو ڪمايو، ڪراچي ??ور?? ٽرسٽ جي عالمي رينڪنگ 84 کان 61 ٿي آهي، هلندڙ مهيني نئين شپنگ پاليسي آڻي رهيا آهيون، نيشنل شپنگ ڪار??ور??شن جي شيئرز ۾ 40 سيڪڙو اضافو ٿيو، اين ايس سي نوان جهاز خريد ڪندي، سامونڊي گدلاڻ واري ڪنٽرول بورڊ جي ڪارڪردگي پهرين کان تمام گهڻي بهتر آهي. ڪالهه سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ميري ٽائيم سنگل ونڊو جي قيام سان پرڏيهي سيڙپڪارن جو اعتماد وڌيو آهي، ميري ٽائيم سيڪٽر ۾ ڊينمارڪ سان ج??د 2 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جا معاهدا طئي ٿيندا، يو اي اي جي ڪمپني ابوظهبي ??ور??س ايندڙ ٽن سالن ۾ 330 ملين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪندي. عالمي ڪمپني هچيسن ??ور??س هڪ ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري لاءِ راضپو ظاهر ڪيو آهي. ايڪوا ڪلچر شين جي ايڪس??ور??س تي تيزي سان ڪم ڪري رهيا آهيون، جلد ئي ڪراچي ڊاڪ ليبر بورڊ ۾ به سڌارا آڻي رهيا آهيون. قيصر احمد شيخ وڌيڪ چيو ته گوادر ??ور?? تي ڊريجنگ جو نظام بهتري طرف روان دوان آهي، عالمي بحري تنظيم جي قانونن موجب شپ ري سائيڪلنگ ڪري رهيا آهيون، پاڪستان پهريون ڀيرو عالمي بحري تنظيمن جي هانگ ڪانگ ڪنوينشن جو حصو بڻيو آهي. انٽرنيشنل ميري ٽائيم ڪانفرنس ڪرائڻ هڪ وڏو بريڪ ٿرو هو، عالمي بحري تنظيم جو سيڪريٽري جنرل پهريون ڀيرو پاڪستان آيو، گوادر ??ور?? تي سيڪيورٽي جا بهترين انتطام آهن، ??ور??س جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ جامع ر??ور?? جوڙي رهيا آهيون، اسان جي حڪومت پاڪستان نيشنل شپنگ ڪار??ور??شن آرڊيننس ۾ ترميمون آنديون جنهن سان ان جي ڪارڪردگي ۾ بهتري آئي آهي. ايندڙ هڪ ٻن مهينن ۾ سمورين ??ور?? اٿارٽيز جا مستقل چيئرمين لڳايا ويندا، آمريڪا جي ڊپارٽمينٽ آف ڪامرس پاڪستان کان فشريز ايڪس??ور?? ڪرڻ ۾ ٻن سالن جي توسيع ڪري ڇڏي آهي، پاڪستان نيشنل شپنگ ڪار??ور??شن جلد نوان جهاز خريد ڪندو، نيشنل شپنگ ڪار??ور??شن جي شيئرز ۾ 40 سيڪڙو وڌا ٿي آهي.
سامونڊي معاملن واري وزارت هلندڙ سال 90 ارب روپيا منافعو ڪمايو آهي: وفاقي وزير قيصر احمد شيخ
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز