!هِنئَڙو ٻيڙِيءَ جان، ڏُتَڙِ پئي ڏينھن ٿيا
اسلام آباد- 20 نومبر (اي پي پي) ماهيگيري جو عالمي ڏينهن 21 نومبر خميس تي ملهايو ويندو. ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ فش??يز کاتي سميت ٻين مختلف سرڪاري ۽ خانگي ادارن جي انتظام هيٺ سيمينار ۽ ٻيا پروگرام منعقد ڪيا ويندا جن ۾ ماهيگيري ۽ آبي حيات سان ??اڳاپيل ماهر خطاب ڪندا. پاڪستان جي سامونڊي ڪنارن وارن علائقن ۾ سڀ کان ??ديم پيشو ۽ ماڻهن لاءِ روزگار جو ذريعو ماهيگيري آهي، پاڪستان ۾ ڪراچي جي سامونڊي مڇيءَ جي روانگي واپار سان ??ڏو ناڻو ڪمايو ويندو آهي. اڄ 21 نومبر تي ماهيگيري جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد ملاحن جي مسئلن سميت ماهيگيري جي صنعت ۽ ان صنعت سان ??اڳاپيل مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۽ انهن جي حل جي حوالي سان ڪوششن کي هٿي وٺرائڻ آهي، جڏهن ته ??اهيگيري جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سنڌ ملاح فورم پاران ڄامشورو ۾ المنظر جي ڀرسان درياءَ جي ڪنڌيءَ تي جلسو منعقد ڪيو ويندو. جنهن ۾ شرڪت لاءِ ملاحن سان گڏ سول سوسائٽي سميت سياسي ۽ سماجي تنظيمن کي دعوت ڏني وئي آهي. المنظر ڀرسان ??وجُود ڳوٺ سائين ڏنو ملاح ۾ منعقد ٿيندڙ هن جلسي جي صدارت سنڌ ملاح فورم جو چيئرمين ڊاڪٽر سائين رکيو ميراڻي ڪندو.